ٽڪ ٽاڪ گوگل کان وڌيڪ دنيا جي مقبول ايپ بڻجي وئي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪلائوڊ سروس ڪمپني ڪلائوڊ فليئر سال جي مقبول ترين ويب سائيٽن جي رينڪنگ جاري ڪئي آهي جنهن ۾ گوگل حيران ڪن طور تي پهرين پوزيشن وڃائي ويٺو آهي. تازي رينڪنگ موجب ٽڪ ٽاڪ جي مقبوليت هن سال گوگل کان به وڌيڪ ٿي وئي آهي.گذريل سال آمريڪي ڪمپني گوگل ان لسٽ ۾ سرفهرست هئي، جڏهن ته چيني سائيٽ ٽڪ ٽاڪ ستين نمبر تي هئي پر ساڳئي سال ٽڪ ٽاڪ جي مقبوليت ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. ياد رهي ته پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڪجهه عرصي لاءِ ٽڪ ٽاڪ تي پابندي هئي پر ان باوجود ان سائيٽ ۾ 6 درجا بهتري آئي آهي. 1جاري ڪيل رينڪنگ موجب هڪ کان ڏهين نمبر تائين ڄاڻايل ويب سائيٽس ۾ پهرين نمبر تي ٽڪ ٽڪ، ٻئي تي گوگل، ٽئين نمبر تي فيس بڪ، چوٿين تي مائيڪرو سافٽ، پنجين تي ايپل آهن. ٻين ڪمپنين جو ترتيبوار نمبر اميزون، نيٽفليڪس، يوٽيوب، ٽوئٽر ۽ واٽس ايپ آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو