ٽي 20 فائنل،پاڪ انگلينڊ ميچ ۾ جيت احسن خان جي ٿيندي

ڪراچي(شوبزنيوز)پاڪستان شوبز انڊسٽري جو مشهور اداڪار احسن خان جنهن کي برطانوي ايڪشن ايڪٽر چيو ويندو آهي، آچر تي ٿيندڙ آءِ سي ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي فائنل ميچ ۾ ڪهڙي ٽيم کي سپورٽ ڪندو، سوشل ميڊيا تي بحث شروع ٿي ويو.سوشل ميڊيا جي مختلف پليٽ فارمن تي ميمز وائرل ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن، ڪجهه سوشل ميڊيا صارفين موجب احسن خان ٻنهي ٽيمن کي سپورٽ ڪندو ڇو ته هو هڪ برطانوي اداڪار آهي جيڪو هتي ۽ اتي رهندو ۽ ڪم ڪندو آهي.ان ڪري اداڪار لاءِ هڪ خاص جرسي پڻ تيار ڪئي وئي آهي، جيڪا هو ٻنهي ٽيمن سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ آچر تي پائي سگهي ٿو.ڪجهه سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن جو چوڻ آهي ته آچر جي فائنل ميچ ۾ ڪا به ٽيم کٽي ته احسن خان نه هارائيندو.سوشل ميڊيا تي بحث فوري طور تي اداڪار جو ڌيان ڇڪايو، احسن خان پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري کي اپڊيٽ ڪندي سوشل ميڊيا صارفين سان اتفاق ڪيو ته آچر تي فتح سندس ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو