ٽي 20 بلاسٽ ۾ تمام سٺا رانديگر آهن: شاهين آفريدي

ناٽنگهم (ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي مشهور فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي چيو آهي ته ٽي 20 بلاسٽ ۾ تمام سٺا رانديگر آهن.ناٽنگهم شائر آئوٽ لاز جي نمائندگي ڪندي پاڪستاني فاسٽ بالر شاهين آفريدي چيو ته ميچ ۾ سٺي پرفارم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس.ان موقعي تي ڳالهائيندي ناٽنگهم شائر آئوٽ ڪاسٽ جي ڪپتان اسٽيون ملاني چيو ته هو ڏاڍو پرجوش آهي ته شاهين آفريدي اسان جي بالنگ اٽيڪ جي اڳواڻي ڪندو.ناٽنگھم شائر آئوٽ ڪاز جي ڪوچ پيٽر مورز چيو ته شاهين آفريدي کي هتي ڏسي اسان جي ڪرسمس وانگر لڳي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو