آسٽريليا، نيوزيلينڊ کي شڪست ڏئي ٽي ٽوئنٽي جو عالمي چيمپئن بڻجي ويو

دبئي(ويب ڊيسڪ) ٽي 20 ورلڊ ڪپ جو فائنل اڄ آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ دبئي ۾ کيڏيو ويو جيڪو آسٽريليا،.7 بال باقي هئا ته ٽارگيٽ پورو ڪري ورلڊ چيمپيئن ٿي ويو. مچل مارش 4 ڇڪا ۽ 6 چوڪا هڻي 50 بالن تي 77 ناٽ آَئوٽ رهيو.

۽ ميڪسويل هڪ ڇڪو، 4 چوڪا هڻي 18 بالن تي 28 رنز ڪري ناٽ آئوٽ رهيو. ان کان اڳ آسٽريليا ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو ڪيو ۽ نيوزيلينڊ کي پهريون نقصان چوٿين اوور ۾ ٿيو جڏهن اوپنر ڊيرل مچل 8 بالن تي هڪ ڇڪو هڻي هيزل ووڊ جي بال تي ڪيپر ميٿيو ويڊ هٿان ڪيچ ٿيو. 28 تي پهرين وڪيٽ ڪرڻ بعد مارٽن گپٽل ڪجهه ساٽ کيڏيا پر هو به ٻارهين اوور ۾ 35 بال کيڏي 3 چوڪا هڻي 28 جي ذاتي ۽ 76 جي مجموعي اسڪور تي بائونڊري تي ايڊم زيمپا جي بال تي اسٽو.نز هٿان ڪيچ ٿيو. تيستائين ڪپتان ڪين وليمسن سيٽ ٿي چڪو هو جنهن دونهيدار اننگ کيڏي مچل اسٽارڪ جي هڪ اوور ۾ 22 رنز حاصل ڪيون جيتوڻيڪ هو اڳ ۾ 32 بالن تي ففٽي ڪري چڪو هو.

ٽي ٽوئنٽي فائنل ميچ ۾ ڪين وليم سن هن فارميٽ ۾ ڪيريئر جي ٻيو نمبر وڏي اننگ کيڏي، سڀ کان وڌيڪ سندس رنز 95 انڊيا خلاف آهن. ڪپتان جو ساٿ ڏيندي گلين فلپس هڪ ڇڪو ۽ هڪ چوڪو هڻي 17 بالن تي 18 رنز ٺاهي هيزل ووڊ جي بال تي ميڪسويل هٿان ڪيچ ٿيو. 144 جي مجموعي اسڪور تي هن جي آئوٽ ٿيڻ بعد ارڙهين اوور ۾ ڪين وليم سن به اونچو شاٽ کيڏڻ جي چڪر ۾ بائونڊري تي هيزل ووڊ جي بال تي اسٽيو سمٿ هٿان ڪيچ ٿيو هن 48 بالن تي 85 رنز اسڪور ڪيون، هن 3 ڇڪا ۽ 10 چوڪا لڳايا. اڻويهين اوور ۾پيٽ ڪمنز کي ڇڪو لڳو ۽ اوور ختم ٿيڻ تي نيوزييلينڊ جو اسڪور162 تي پهتو. آخري اوور مچل اسٽارڪ ڪرايو جيڪو اڳ ۾ 3 اوورز ۾ 50 رنز ڏئي چڪو هو ۽ وڪيٽ به کيس نه ملي هئي. هن جي پهرين با تي چوڪو لڳو، پر بعد ۾ هو سناڀلي ويو 20 اوورز ۾ نيوزييلنڊ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 172 4نز ٺاهي سگهي. ياد رهي ته پاڪستان خلاف آسٽريليا سيمي فائنل ۾ 177 چيز ڪري وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو