ٽي ايل پي حملن ۾ شهيد پوليس اهلڪارن لاءِ پيڪيج منظور

 لاهور(ويب ڊيسڪ) اربع ڏينهن ڪابينا ڪميٽي پوليس لاءِ شهيد پيڪيج 2 جي منظوري ڏئي ڇڏي، ٽي ايل پي جي پرتشدد احتجاج دوران شهيد ٿيل 5 پوليس اهلڪارن لاءِ شهيد پيڪيج 2 جي منظوري ڏني وئي. سول سيڪريٽريٽ ۾ قانون واري وزير بشارت راجا جي صدارت هيٺ ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ هيڊ ڪانسٽيبل محمد امتياز، ڪانسٽيبل جليل حيدر، محمد قيصر، امتياز احمد ۽ محمد وقاص عظيم جي خاندانن لاءِ پيڪيج جي منظوري ڏني وئي. شهيد پيڪيج II ۾ ڏوهارين هٿان شهيد ٿيندڙ پوليس اهلڪارن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. پيڪيج موجب هر هيڊ ڪانسٽيبل ۽ ڪانسٽيبل جي وارثن کي 40 لک روڪ۽ گهر جي لاءِ هڪ ڪروڙ 35 لک رپيا ڏنا ويندا. پيڪيج ۾ شهيدن جي وارثن کي مڪمل پگهار ۽ الائونس، ٻارن جي مفت تعليم ۽ خاندان جي هڪ فرد جي ڀرتي جي به آڇ ڪئي وئي آهي. قانون واري وزير آفيسرن کي هدايت ڪئي ته پوليس اهلڪارن جي متاثر خاندانن کي هڪ مهيني اندر سمورا مرحلا مڪمل ڪري معاوضي جي ادائگي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته افسوس جي ڳالهه آهي ته ڪجهه شهيدن جي خاندانن کي 6 مهينا گذرڻ باوجود سندن بقايا نه ملي سگهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو