ٽي ايل پي تان پابندي ختم ڪرڻ بعد ڌرڻو به ختم ٿي ويو

وزيرآباد(ويب ڊيسڪ)تحريڪ لبيڪ پاڪستان جو پابندي مڙهيل جماعتن جي لسٽ مان خارج ٿيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ کانپوءِ وزير آباد ۾ 11 ڏينهن کان جاري ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي، اعلان بعد ٽي ايل پي جا ڪارڪن سامان کڻي واپس ٿيڻ لڳا، پارڪ تان خيما به هٽايا ويا. ٽي ايل پي طرفان حڪومت سان ٿيل معاهدي جي روشني ۾ وزيرآباد ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، پير سيد سردار شاھ وزير آباد  ۾ جاري ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو تھ اسانجا 50 سيڪڙو مطالبا مڃيا ويا آهن پوءِ به ڌرڻو ختم ڪريون ٿا، مظاھرين واپس مسجد رحمت العالمين وڃن، اسان کي پرامن رھڻو آھي. ياد رهي ته اڳ ۾ حڪومت چيو هو ته هي دهشتگردي ڪري رهيا آهن ۽ ڀارت مان کين امداد ملي رهي آهي پر ٻئي ڏينهن موقف مٽائي ڇڏيو هو. ڌرڻي سبب چناب درياھ  تي جي ٽي روڊ 15 ڏينهن بند رکڻ بعد کلي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو