ٽوئنڪل کنا اڪشي۽ جيڪي شروف بابت اهم انڪشاف

ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ اداڪار اڪشي ڪمار جي گهرواري اداڪاره ٽوئنڪل کنا انڪشاف ڪيو آهي ته شادي کان اڳ نجومي به اڳڪٿي ڪئي هئي ته منهنجي شادي بالي ووڊ جي مسٽر ‘کلاڙي’ سان ٿيندي. تازو ئي اداڪار جيڪي شروف ٽوئنڪل کنا جي ويب شو ۾ مهمان طور شرڪت ڪئي جتي هن پنهنجي ذاتي زندگي بابت ڳالهايو. انٽرويو دوران ٽوئنڪل کنا جو چوڻ هو ته هوءَ علم نجوم تي بلڪل به يقين نه ڪندي هئي ۽ ٻين ماڻهن وانگر ان کي به مذاق سمجهندي هئي پر سندس باري ۾ ٻه اڳڪٿيون ڪيون ويون جيڪي حيران ڪندڙ طور تي سچ ثابت ٿيون. ٽوئنڪل چيو ته جيڪي شروف جو پيءُ ڪاڪو ڀائي شروف هڪ نجومي هو، جيڪو منهنجي پيءُ راجيش کنا جو تمام سٺو دوست هو، هن هڪ ڀيري چيو هو ته ٽوئنڪل اڪشي ڪمار سان شادي ڪندي. ”جڏهن منهنجو پيءُ گهر آيو ۽ اهو ذڪر ڪيو ته مان فوري طور تي حيران ٿي ويس ته اڪشي ڪمار ڪير آهي ڇو ته ان وقت مون کي خبر نه هئي ته اڪشي ڪمار ڪير آهي،“ ٽوئنڪل کنا وڌيڪ چيو ته جيڪي شروف جي والد به اڳڪٿي ڪئي هئي ته هو ليکڪ بڻجي ويندو، جيڪو سچ ثابت ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو