ٽم پين اسڪينڊل، هر قسم جي ڪرڪيٽ نه کيڏڻ جو فيصلو

ڪينبرا(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان ٽم پين اڳوڻي ملازمه کي غير اخلاقي پيغام موڪلڻ جي اسڪينڊل ۾ ڦاسڻ کانپوءِ انگلينڊ خلاف ايشز سيريز سميت سمورن فارمن جي ڪرڪيٽ تان وقفو وٺي ڇڏيو آهي. ٽم پين هڪ اهم فيصلو ڪيو ۽ ويجهي مستقبل ۾ ڪرڪيٽ جي سڀني فارمن تان دستبردار ٿي ويو،  ٽم پين جي مئنيجر به تصديق ڪئي آهي ته وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين اڻ ڄاتل مدت لاءِ ڪرڪيٽ تان دستبردار ٿي رهيو آهي، ٽم پين پنهنجي ذهني صحت کي نظر ۾ رکندي ڪرڪيٽ تان وقفي جو فيصلو ڪيو آهي. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ٽم پين طرفان اڳوڻي ملازم کي غير اخلاقي ميسيج موڪلڻ جو اسڪينڊل سامهون آيو هو، اسڪينڊل سامهون اچڻ کانپوءِ ٽم پين آسٽريلوي ٽيسٽ ٽيم جي قيادت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو