ٽئنڪر جو بس سان ٽڪر، باهه ۾ 91 ماڻهو سڙي فوت

فري ٽائون(ويب ڊيسڪ)سيرا ليون جي گادي واري هنڌ فري ٽائون ۾ هڪ آئل ي ٽينڪر جي لاري سان ٽڪرائجڻ جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 91 ڄڻا مارجي ويا آهن. باهه لڳڻ کان اڳ ٽئنڪر ڦاٽي پيو ۽ بعد ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ ڀرپاسي ۾ بيٺل ماڻهن ۽ گاڏين کي باهه لپيٽي ورتو. مقامي ميڊيا پاران نشر ڪيل فوٽيجز ۾ ٽينڪر جي چوڌاري گهٽين ۾ بري طرح تي سڙيل لاش ڏيکاريا پيا وڃن. صدر جوليس ماڊا بايو چيو آهي ته هو ”افسوسناڪ واقعي ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي تمام گهڻو پريشان ۽ ڏکارو آهي“.

پهنجو تبصرو موڪليو