ٻن ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا

مانجهند(رپورٽ مهراڻ عمراڻي)ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا هڪ جي حالت نازڪ آهي. خاڻوٺ اسٽاپ وٽ انڊس ھاء وي تي لوڻي ڪوٽ کان سيوھڻ طرف ويندڙ تيز رفتار ڪار ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪرڻ سبب اونھي کاھي ۾ ڪري پوڻ جي نتيجي ۾ ڪار سوار لوڻي ڪوٽ واسي ھڪ ئي ڪٽنب جي جان محمد بلوچ سندس گھرواري رضيا, امڙ  مسمات حاڪي ۽ سندس ننڍڙو ٻارڙو قربان سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين کي  لمس  اسپتال ڄامشورو منتقل ڪيو ويو. ٻئي طرف سن ندي انڊس هاء وي تي ٽرڪ جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار 16 ورهين جو قاضي احمد واسي  دلشير ولد حڪيم کوسو  سخت  زخمي ٿي پيو جنهن کي مقامي ماڻھن تعلقه اسپتال مانجهند منتقل ڪيو جتي سندس حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کيس سول اسپتال حيدرآباد  منتقل ڪيو ويو. مانجهند پوليس ناڪابندي ڪري فرار ٿيندڙ  ٽرڪ ڊرائيور يار ولي پٺاڻ کي گرفتار ڪري گاڏي کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو