ٻن سالن کان مڊل اسڪول تي ڪيل قبضو ختم

سلطانپور (رپورٽ قربان علي مهر)ميڊيا تي خبرون اچڻ کانپوءِ تعليم کاتي جي آفيسرن نوٽيس وٺي اسڪول جي بلڊنگ تان قبضو ختم ڪرايو. ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر شھاب الدين انڍڙ , جو چوڻ آھي ته مڊل اسڪول جي ايس اين اي ناھي ٿيل جنھن لاء ڪوشش ڪري رهيا آھيون، ڪروڙين رپين جي لاڳت سان تعمير ڪيل مڊل اسڪول جي عمارت تي قبضو ڪري بااثر گهر بڻائي ڇڏيو، بااثر پاران اسڪول جي اڱڻ ۾ ٻڪرين جي واڙ قائم، واش روم توڙي ٻين ڪمرن کي پنهنجي ضرورت آهر ڪم آڻڻ لڳو ڪمپائونڊ وال به ڪپڙن سڪائڻ جي جڳھ طور استعمال ڪرڻ لڳو سوين معصوم ٻارڙن جو مستقبل داء تي لڳل، سوشل ميڊيا تي خبرون هلڻ کانپوءِ تعليم کاتي جي ڊسٽرڪ آفيسر حافظ شهاب الدين انڍڙ قبضو خالي ڪرائي ڇڏيو، ياد رهي ته بااثر پاران ٻن سالن کان اسڪول جي بلڊنگ تي قبضو ڄمايون ويٺو هو .

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو