ٻن ايس ايڇ اوز تي قتل ڪيس داخل ڪريو، عدالت

نئون ڪوٽ (پيار علي نھڙيو ) ٽي مهينا اڳ پوليس هٿان بيگناهه قتل ٿيل ڳوٺ ستار چانڊيو جي چڱي مڙس نصير چانڊيو جو قتل ڪيس ان وقت نئون ڪوٽ ۾ مقرر ايس ايڇ او راڻو راٺوڙ ۽ ڪراچي سکن ٿاڻي جي سب انسپيڪٽر حسيب الرحمان تي داخل ڪرڻ لاءِ دهشتگردي ڪورٽ آرڊر پاس ڪري ڇڏيو. واضح رهي ته ٽي مهينا اڳ نئون ڪوٽ پوليس جي معاونت ۾ ڪراچي سکن ٿاڻي جي پوليس پرهه ڦٽي مهل گهر ۾ داخل ٿي سڌيون گوليون هڻي نصير چانڊيو کي قتل ڪيو هو جنهن جي قتل جي مقتول جي وارثن ڊائريڪٽ ڪمپلين وڪيل علي حسن چانڊيو جي معرفت دهشتگردي ڪورٽ ميرپورخاص ۾ داخل ڪرائي هئي جنهن تي اي ٽي سي ايس ايڇ او نئون ڪوٽ راڻا راٺوڙ ۽ سب انسپيڪٽر حسيب الرحمان تي ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ آرڊر پاس ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو