يورپ ۾ ٻيهر ڪورونا وڌي رهي آهي، ويڪسين ڪرايو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (ڊبليو ايڇ او) خبردار ڪيو آهي ته يورپ هڪ ڀيرو ٻيهر براعظم ۾ ڪورونا وائرس جي وبا جو مرڪز بڻجي رهيو آهي. هڪ پريس ڪانفرنس دوران يورپ ۾ ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي سربراهه هينس ڪلوگ چيو ته فيبروري تائين براعظم تي وڌيڪ 5 لک موت ٿي سگهن ٿا. ڊٻليو ايڇ او چيو آهي ته اسان کي پنهنجي حڪمت عملي تبديل ڪرڻي پوندي، ڪورونا کي وڌائڻ لاءِ قدم کڻڻ بدران شروع ۾ ئي اهڙي صورتحال کي روڪڻو پوندو. ياد رهي ته يورپ ۾ ڪورونا سبب 14 لک ماڻهو مري چڪا آهن

پهنجو تبصرو موڪليو