وڪيل جا قاتل فوري گرفتار ڪريو ۽ ڪراچي ۾ امن قائم ڪريو، شاهه

ڪراچي(استاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته مقتول وڪيل عرفان مهر جا قاتل فوري گرفتار ڪريو، اهڙي هدايت هن اجلاس دوران ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کي هدايت ڪئي آهي ته شهر ۾ اسٽريٽ ڪرائم تي ضابطو آڻڻ لاءِ سخت قدم کنيا وڃن. اجلاس ۾ قانوني صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري ممتاز شاهه، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي يعقوب منهاس، پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، ايس ايس پي ڏکڻ زبير شيخ ۽ سنڌ جي وڏي وزير عرفان مهر شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير پوليس کي هدايت ڪئي ته مينپوري، گٽڪا، ماوا ۽ ٻين منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو وڃي،  ايف بي ايريا ۾ بئنڪ چوري واري واقعي جو فوري طور تي پتو لڳايو، ڪراچي کي هر صورت ۾ پرامن بڻائڻ چاهيان ٿو.مان چاهيان ٿو ته شهري بنا خوف جي شهر ۾ گهمندا رهن، ڪراچي ڏکڻ ضلعي ۾ موبائل ۽ ڪار اسنيچنگ تي ضابطو آندو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو