وڏي وزير جي ناظم جوکيو جي وارثن سان تعزيت، انصاف جي خاطري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ملير جي آچر سالار ڳوٺ پهچي مقتول ناظم جوکيو جي وارثن سان تعزيت ڪئي. وڏي وزير سان صوبائي وزير سعيد غني، امتياز شيخ، ساجد جوکيو، ايم پي اي رياض شاهه شيرازي به گڏ هئا. وڏي وزير چيو ته هي افسوسناڪ واقعو آهي مونکي جيئن خبر ملي ته مون آءِ جي سنڌ پوليس کي هدايتون ڏنيون ۽ چيو ته وارثن جي مرضي مطابق ايف آءِ آر داخل ڪرائي وڃي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مقتول ناظم جوکيو جي وارثن کان تفصيل معلوم ڪيا ۽ انصاف جي خاطري ڪرائي.

پهنجو تبصرو موڪليو