وڏيرن جو گهيرو تنگ ٿئي پيو، سنڌي سجاڳ آهن، حليم/ ام رباب

پکو (ن سنڌيارا) پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ ۽ ام رباب چانڊيو فوتڻ فهميده سيال جي وارثن وٽ پھچي تعزيت ڪئي آهي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي حليم عادل شيخ چيو ته مان ته شروع ۾ ئي چيو ھو ته عوام ھنن قاتل نمائندن کي ووٽ نه ڏيئي، اڄ اھو ثابت ٿيو ته ھو ووٽ وٺي تڪ جي عوام جا قاتل بڻجن ٿا. هن چيو ته معصوم عورت فھميده سيال جي قتل ۾ به عوامي نمائندي جو پيءُ ملوث آھي، جنھن غريب پاڙي ۾ رھندڙ سيال برادري جي ماڻھن سان قھر ڪيو آھي، مان پي ٽي آءِ جي پليٽ فارم تان مرڪزي اڳواڻن کي گذارش ڪندس ته وحشتناڪ واقعي ۾ ملوث ايم پي اي گھنور اسراڻ خلاف صوبائي اسيمبلي ۾ رڪنيت ختم ڪرڻ لاءِ رٿ آڻيندس جنھن ۾ ساٿ ڏنو وڃي ته جيئن مظلوم نياڻي جي خون سان انصاف ٿي سگھي. ام رباب چانڊيو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ روز غريب ۽ اٻوجهه ماڻھن سان پيپلزپارٽي جا وڏيرا ظلم ڪري غريبن کي بيدردي سان قتل ڪري رهيا آهن، آخر ڪيستائين اسان وڏيرن جا ظلم سھندا رهنداسين. هن وڌيڪ چيو ته آءُ پنھنجي والد، ڏاڏي ۽ چاچي جي خون جي انصاف لاءِ جدوجھد ڪري رهي آهيان، وڏيرن پاران مون کي ٿريٽ ڪيو ويو پوءِ به منهنجي جنگ وڏيرن جي خلاف جاري آهي، هاڻي سنڌ جا ماڻھو سڄاڳ ٿي چڪا آھن ۽ وڏيرن جو گھيرو تنگ ٿي چڪو آھي، اسان مقتول عورت جي وارثن سان هرموڙ تي گڏ آھيون.

پهنجو تبصرو موڪليو