وڌيڪ مهانگي بجلي برداشت نه ٿا ڪري سگهون: مصدق ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته هو وڌيڪ مهانگي بجلي برداشت نٿا ڪري سگهن، ملڪ ۾ فرنس آئل جو استعمال ختم ٿي رهيو آهي.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مصدق ملڪ چيو ته مقامي ريفائنريز ملڪ جي لڳ ڀڳ 50 سيڪڙو تيل جي ضرورت پوري ڪن ٿيون، هو ملڪ ۾ جديد آئل ريفائنري لڳائڻ چاهين ٿا.هن چيو ته هو ملڪ ۾ ٽي 4 لک بيرل روزاني ريفائنري لڳائڻ چاهين ٿا، پاڪستان جي پيٽرول ۽ ڊيزل جي ساليانو ضرورت 20 کان 21 ملين ٽن آهي، 2032 تائين ملڪ ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جو ساليانو استعمال 33 ملين ٽن تائين پهچي ويندو.مصدق ملڪ چيو ته پاڪستان نئين گرين فيلڊ آئل ريفائننگ پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن سان ملڪ ۾ سيڙپڪاري ايندي.هن چيو ته پاڪستان ۾ معاشي ترقي لاءِ انرجي سيڪيورٽي ضروري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو