ويڪسينيٽرز جو احتجاج، سي ايم هائوس وڇڻ تي مٿن لٺ بازي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي ويڪسينيٽرن پاران پريس ڪلب آڏو احتجاج،  سي ايم هائوس وڃڻ جي ڪوشش، چڪرين دوران پوليس مظاهرين کي سي ايم هائوس وڌڻ کان ٻيهر روڪي ورتو، مظاهرين تي لٺبازي ڪري منتشر ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي وئي. ملازمن پاران الائونس بحالي ۽ ٽائيم اسڪيل نه ملڻ خلاف احتجاج، سي ايم هائوس ڏانهن مارچ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي، اڳواڻن جو چوڻ آھي تھ اسان سان ظلم ڪيو ويو آھي، پرامن احتجاج تي تشدد ڪيو ويو آهي، مطالبا پورا نھ ٿيا تھ پاڻ کي باھ ڏينداسين، پوليس طرفان اسان مٿان تشدد ڪيو ويو آھي، گرفتارين جي مذمت ڪريون ٿا. ياد رهي گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان ويڪسينيٽر ڪراچي پريس ڪب آڏو احتجاج ڪندا رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو