ويرات ڪوهلي پنهنجو معاوضو گهٽائي ڇڏيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت جي ٽيسٽ ۽ ون ڊي ڪپتان ويرات ڪوهلي انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) ۾ پنهنجو معاوضو  گهٽائي ڇڏيو آهي. تفصيل مطابق اڳوڻي ڀارتي وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين پارٿيو پٽيل چيو آهي ته ويرات ڪوهلي پنهنجو معاوضو گهٽائڻ جو فيصلو رائل چيلنجرز بنگلور جي بهترين مفاد ۾ ڪيو ، ڀارتي ميڊيا موجب ويرات ڪوهلي پهريون رانديگر آهي جنهن کي رائل چيلنجرز بنگلور طرفان آءِ پي ايل جي ’ريٽينشن پاليسي‘ تحت ايندڙ سيزن لاءِ برقرار رکيو ويو آهي پر آءِ پي ايل جي سيلري ڪيپ موجب آر سي بي ويرات ڪوهلي کي 150 ملين رپيا معاوضي طور ادا ڪري سگهي ٿو. جيڪا سندن پوئين پگهار کان گهٽ آهي. ويرات ڪوهلي کان علاوه رائل چيلنجرز بنگلور پاران موجوده آءِ پي ايل سيزن لاءِ باقي ٻه رانديگر برقرار رکيا ويا آهن، آسٽريليا جي گلي ميڪسويل، ڀارت جي محمد سراج، ميڪسويل کي 110 ملين رپيا ۽ محمد سراج کي 70 ملين رپين ۾ برقرار رکيو ويو آهي. ويرات ڪوهلي کي گذريل سيزن ۾ رائل چيلنجرز بنگلور طرفان 170 ملين رپيا ادا ڪيا ويا پر 2022 جي سيزن لاءِ 150 ملين رپين ۾ خريد ڪيو ويو آهي. ڀارتي ٽيم ۽ آءِ پي ايل ٽيم آر سي بي ۾ ڪوهلي لاءِ کيڏندڙ پارٿيو پيٽيل جو چوڻ آهي ته ويرات ڪوهلي کي پنهنجو معاوضو گھٽائڻ تي  ڪو به اعتراض ناهي ۽ هن اهو رڳو پنهنجي ٽيم لاءِ ڪيو آهي..

پهنجو تبصرو موڪليو