ووٽر لسٽن ۾ فوٽو به هوندا، خوشنصيبي آهي ته نا اهل اپوزيشن ملي، شيخ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)گھرو کاتي جي وفاقي وزير شيد رشيد چيو آھي تھ اپوزيشن آڊيو، وڊيو ۽ ميڊيا جي راند کيڏي رهي آهي، کين خبر ناهي ته هاڻي سندن ٽرين نڪري وئي، حڪومت خلاف تحريڪ ناڪام ٿي وئي ۽ هاڻي تحريڪ هلائڻ جو موقعو به نڪري ويو. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته ايڪسپريس ٽرين ڪڏهن به مسافرن جو انتظار نه ڪندي آهي، اسان جا ڀاڳ آهن جو اهڙي نالائق اپوزيشن ملي آهي، اليڪشن ۾ باقي پوڻا 2 سال بچيا آهن، ايندڙ ووٽر لسٽ ۾ ووٽرز جي تصوير به لڳائي ويندي، وزيراعظم اي وي ايم جي معاملي تي ڪميٽي جوڙي ورتي آهي، اها ڪميٽي اليڪشن ڪميشن سان گڏجي ڪم ڪندي، پي ٽي آءِ حڪومت پنج سال پورا ڪندي ۽ ايندڙ چونڊن تائين حالتون بهتر ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو