وفاق هڪ طرفيون بدليون نٿو ڪري سگهي، احتجاج ڪيو آهي، شاهه

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سول سروسز جي قانون ۾ وفاق جَي آفيسرز جِي بدلي ۽ مقرري هڪطرفي نٿي ڪري سگهجي، صوبائي حڪومت جي منظوري لازمي هوندي آهي. ميڊيا سان ڳالھائيندي وڏي وزير مراد علي شاھ چيو تھ بي عقل ماڻهو فيڊريشن جي آفيسرز کي پنهنجي جاگير سمجهن ٿا، آفيسرز جي بدلين ۽ مقررين بابت وفاقي پروپوزل جو جواب ڏئي ڇڏيو آهي، مون ڪابه منظوري ناهي ڏني، سڀاڻي ڪابينا ميمبرز کي اعتماد ۾ وٺندس. وڏي وزير چيو تھ ڪوبه صحيح ڪم ڪري ته اُن کي بدلي ڪيو وڃي ٿو ته جيئن سنڌ حڪومت ڪمزور ٿئي، آدم شماري فائينل نه آهي، نوٽيفڪيشن کي پارليامينٽ ۾ چئلينج ڪيو اٿئون، وفاقي حڪمران ڦاسي پون ته ٻين کي گهرائين ٿا، هاڻي به ڪالز ڪيون وڃن ٿيون ته مون کي بچايو، آئون ٻڏي ويس ته توهان کي به ٻوڙيندس.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو