وفاق جي نا اهلي ٽيڻ تي مهانگي ايل اين جي خريد ڇو ڪئي، شيخ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز شيخ چيو آهي ته وفاقي حڪومت جي نا اهلي سبب انتهائي مهانگي اگهه تي ايل اين جي خريدي ڪئي پئي وڃي جنهن جو سڌو اثر عوام تي وڌيڪ مهانگائي جي صورت ۾ پوندو. اهڙو اظهار هن جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ٽينڊر وقت تي جاري ٿين ها ته ايل اين جي جو معاملو مناسب اگهه تي ممڪن هجي ها. وفاقي وزيرن جي نااهلي ۽ ناڪامي قوم کي ڀوڳڻي پوندي. هن چيو ته نومبر لاءِ 30.65 رپيا (ايم ايم بي ٽي يو) ۾ ڪارگو خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جيڪو تاريخ جو مهانگو سودو آهي. ملڪ ۽ قوم کي رڳو هڪ ڪارگو ۾ اربين رپين جو نقصان برداشت ڪرڻو پوندو. سستي ايل اين جي جي دستيابي باوجود هنن ٽيڻ تي مهانگو سودو ڪيو آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت جي چوٿين سال ۾ به قوم گئس جي بحران کي منهن ڏئي رهي آهي. گب مطالبو ڪيو ته ايل اين جي جي ٻن ڪارگوز جي رد ڪرڻ جي جاچ ڪئي وڃي ته ٻن ڪمپنين ٽينڊرز باوجود ايل اين جي سپلاءِ بند ڇو ڪئي؟

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو