وفاقي گادي واري شهر ۾ خيما کوڙيندڙ سنڌي صحافي!

بقلم :خادم ڪلهوڙو

هڪ ڪاٿي موجب هن وقت پاڪستان جي جاڙن شهرن اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ ڪم ڪندڙ صحافين جو انگ 4000 جي لڳ ڀڳ آهي جيتوڻيڪ اسلام آباد ملڪ جي راڄڌاني آهي جتي ميڊيا، مقننہ، عدليه، ۽ انتظاميه جا سربراہ رهن ٿا، پر اسان وٽ عملي طور ائين ۽ قانون کان مٿاهين نظر ايندڙ آرمي اسٽيبلشمينٽ راولپنڊي واري پاسي آهي ان ڪري طاقت جو توازن ۽ شهر اقتدار به ان کي سمجهيو وڃي ٿو، ملڪ جي آئيني سربراهن، آئيني ادارن، جي بي توقيري ڪرڻ، راتاها ڏيڻ، ۽ اقتدار ۾ آمريتون آڻڻ جو سهرو به سدائين راولپنڊي جي راڻن جي نرڙ تي نروار ٿيل هوندو آهي، جتان فوج جي اقتدار تي قبضي مهل ٽرپل ون برگيڊ حرڪت ۾ ايندي آهي. سنڌ سان لاڳاپيل ملڪ جي ٽن وزير اعظم لياقت علي خان، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جو رتُ به راولپنڊي ۾ وهايو ويو، سندن زندگين جو قصو تمام ڪرڻ واري تمنا به هن حصي ۾ پوري ٿي، هر دور ۾ اسلام آباد جي آقائن کي اقتدار جي هُما ڏيڻ ۽ وري کسڻ جي پريڪٽس اسلام آباد ۾ ۽ منصوبہ بندي راولپنڊي ۾ ٿيندي رهي آهي،  راولپنڊي ۾ قائم جي ايڇ ڪيو جو “چوٿو نمبر دروازو ” سياستدانن لاءِ “يدخلون في دين ﷲ افواجا” مثل آهي جتي وردي وارا وقتن بوقتن آجيان ۽ ڊراء ڪليننگ ڪندا رهيا آهن، ايوب خان پاران اڏيل اسلام آباد ۽ راولپنڊي گھڏ آهن تڏهن کين جاڙا شهر به چيو ويندو آهي، ٻنهي کي صرف هڪ روڊ، (I. J. P) اسلامي جمهوري پاڪستان روڊ ۽ فيض آباد انٽر چينج ڌڪي ڌار ڪن ٿا ۽ ملائن به ٿا، نه ته هنن شهرن جون عمارتون، ۽ انسان هڪٻئي مٿان ڪلهو ڪلهي مٿان رکيون ويٺا آهن

شايد ان ڪري ئي ڏيهي ۽ پرڏيهي طاقتن/ ماڻهن لاءِ اسلام آباد ۽ راولپنڊي اهم ۽ ڌيان طلب شهر آهن ان ڪري ڏيهي ۽ پرڏيهي نشرياتي ۽ اشاعتي ادارن جا نمائندا، ڪريسپانٽنڊنٽ، خبريال، رپورٽر، عيوضي هنن شهرن ۾ جام آهن، انساني جهنگ ۾ ميڊيائي مجاهدن جا لشڪر به وتندا وڳن جي صورت ۾ ڪم ڪندا، منهنجي مشاهدي موجب ملڪ جي طاقتور، ادارن جا واڳ ڌڻي ۽ ٽاپ ليول جا ڪيترائي ڪامورا، صرف من پسند صحافين کي پنهنجا من پسند سوال پڇڻ جي اجازت ڏئي گھرائيندا آهن ۽ انهن فرمان بردار صحافين پنجابي صحافي وڌيڪ تعداد ۽ پريڪٽس ۾ نظر ايندا آهن.

شهر اقتدار اسلام آباد ۾ سنڌي صحافين جو ڪيترو ڪم ۽ حصو آهي يا ڪهڙو تعارف آهي ان سوال جو جواب ڳولڻ جي جستجو هڪ وڏو ڪم آهي پر، منهجي قليل معلومات موجب سنڌ جا صحافي يا سنڌي صحافي جن اسلام ۾ ڪم ڪيو آهي يا ڪري رهيا آهن، انهن جو چڱو خاصو انگ آهي تن ۾ سهيل سانگي، غلام حيدر کوکر، اعجاز مهر، مرحوم ستار رند، مرحوم عطا راڄڙُ، محسن ٻٻر، ياسين جوڻيجو الهداد شيخ، شاڪر سولنگي، ايم بي سومرو، قربان بلوچ، رزاق کٽي، ذوالفقار گراماڻي، نادر گراماڻي، ابراهيم ڪنڀر، غلام الرسول ڪنڀر، اصغر کاڻوٺي، اسد شر، مدثر راجپوت، محمد نواز وسطڙو ، معشوق ڏيٿو، المعروف شاھ محمد، احسان ناريجو، گوهر گهانگهرو ، جميل بلوچ عبد السلام سومرو، نذير چارڻ، سبحان کوسو، زاهد جتوئي، عابد آرائين، اختر مهر، اسد آرائين، ابراهيم سولنگي،  رڪن الدين ميراڻي ۽ ٻيا به سر فهرست آهن.

’اقتداري سازشون‘ نالي سان ڪتاب لکندڙ اعجاز مهر ۽ پارلياماني رپورٽنگ جو بادشاھ ايم بي سومرو، ڏيهي ۽ پرڏيهي ادارن سان پڻ ڪم ڪندا رهيا آهن جن ۾ بي بي سي، وائيس آف آمريڪا، ۽ ٻيا شامل آهن، سندس شهرت ۽ ڪم سان ڪابه ريس ڪري نه ٿي سگهجي،  شاڪر سولنگي، محسن ٻٻر، عطا راڄڙ، شاھ محمد ڏيٿو، گوهر گهانگهرو، اسد شر، قربان بلوچ، ۽ محمد نواز وسطڙو اسلام آباد جي باخبر صحافي طور سڃاڻپ ٺاهي آهي، هڪ رپورٽر جي حيثيت سان ڪم شروع ڪندڙ، مون وارو ڳوٺائي دوست، محمد نواز وسطڙو ته سيٽلائيٽ ٽي وي چينل A One TV نالي چينل جو چيف ايگزيڪيوٽو ٿي ويو آهي، ملڪ جي ڪيترن ئي شهرن جي صحافين جو وڏو انگ وٽس ڪم ڪري ٿو، پاڻ سي اي او به آهي ته اينڪر پرسن به، اهڙي نموني، صوڀو ديرو وارو سنگتي، احسان ناريجو، بلاگر، يو ٽيوبر، ۽ گراف اخبار جو مالڪ ۽ ايڊيٽر آهي حلقہ احباب ۾  دانشور سياستڪار مشاهد حسين سيد به اچي وڃي ٿو، ان کان سواء غلام حيدر کوکر، ياسين جوڻيجو، الهداد شيخ، اعجاز مهر ايم بي سومرو، سهيل سانگي، شاڪر سولنگي، ستار رند ،احسان ناريجو، اخباري صحافت جا خاص ليکڪ ۽ محنتي صحافي ڳڻيا وڃن ٿا، سندن لکڻين رستي سڄو ملڪ خصوصي طور سنڌ جو عوام شهر اقتدار جي سرگوشين، سرگرمين ۽ سازشن کان باخبر رهي ٿو صحافين، خاص ڪري سنڌي صحافين کي پيپلز پارٽي جون خبرون ڏيڻ ۾  گذريل ٽيھ سالن کان جيڪا معاونت ۽ محبت پير ڳوٺ واري خوبصورت انسان نذير ڌوڪي ڪئي آهي ان کي نظر انداز ڪرڻ به بد ديانتي سمجهان ٿو، خيرپور کان اسلام آباد پهتل اسد شر، احسان ناريجو، محمد نواز وسطڙو ، تي الڳ مضمون لکي سگهجن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو