‘وفاقي حڪومت اليڪشن ڪميشن کي مفلوج ڪرڻ چاهي ٿي’

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي اطلاعات ۽ محنت واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي يوم تاسيس جي موقعي تي پشاور ۾ ٿيل ريلي تاريخ جو سڀ کان وڏو جلسو هو، جنهن تي عوام کي مبارڪون ڏيان ٿو. وفاقي حڪومت اليڪشن ڪميشن کي مفلوج ڪرڻ چاهي ٿي. اليڪشن ڪميشن جا فنڊز روڪڻ جي ڌمڪي ڏني وئي پر پيپلز پارٽي اليڪشن ڪميشن جو ساٿ ڏيندي، اٽي ۽ کنڊ جي چورن کي ڪا به سزا نه ڏني وئي الٽو ذميوار سنڌ حڪومت کي قرار پيو ڏنو وڃي.حفيظ شيخ وانگر شوڪت ترين کي به جلد قرباني جو ٻڪرو بڻايو ويندو، پ پ ۽ نون ليگ  ڏهه سالن ۾ ايترو قرض نه ورتو جيترو عمران خان ٽن سالن ۾ ورتو،ڪراچي ۾ ماڻهن جا گهر ڊاهي پٽ ڪرڻ بدران زمينون الاٽ ڪرڻ وارن کي سزا ڏني وڃي، مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ ڪو به پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ تيار ناهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو.ان موقعي تي ندا کهڙو ۽  چيف ميڊيا ڪو آرڊي نيٽر نذير ڌوڪي به موجود هئا. سعيد غني چيو ته هو خيبرپختونخواهه جي عوام جو شڪريو ادا ڪرڻ چاهي ٿو حڪومتي اجلاس پشاور حڪومت جي تاريخ جو سڀ کان وڏو جلسو آهي.جيڪو عوام جو پي پي تي اعتماد ۽  هن نااهل حڪومت کان ڇوٽڪارو هاصل ڪرڻ جو ريفرينڊم آهي. هن ٻڌايو ته ڪالهه وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن ضمني چونڊن ۾ اي وي ايم مشين استعمال نه ڪئي وئي ته اليڪشن ڪميشن کي فنڊ جاري نه ڪيا ويندا، اها بليڪ ميلنگ آهي، اليڪشن سڄي ملڪ ۽ عوام جي آهي، ان تي سڀني سياسي جماعتن کي متفق هئڻ گهرجي، ڪو به تڪراري قانون ڪيئن ٿو لاڳو ڪري سگهجي اسين ايئن رڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته ڊسڪا ۾ پنهنجي اميدوار کي کٽائڻ  لاءِ جيڪا ڌانڌلي جي ڪوشش ڪئي وئي، سينيٽ اليڪشن ۾ پنهنجي اميدوار کي سينيٽر بڻائڻ لاءِ ڪئميرائون استعمال ڪيون ويون، ڌانڌلي ڪئي وئي، هن چيو ته اسين اليڪشن ڪميشن کي مفلوج ٿين نه ڏينداسين. سعيد غني چيوته سڄي ملڪ ۾ عوام روئي رهيو آهي ته مهانگائي وڌي وئي آهي، نااهل وزيرن جي ٽولو سڄو ڏينهن ڪوڙ ٿو هڻي. وزيراعظم چيو ته جڏهن مون کي ٻڌايو ويو ته کنڊ مهانگي ٿي وئي آهي ۽ سنڌ ۾ ٽن ملن پيداوار بند ڪري ڇڏي آهي پر ٻڌايو وڃي ته ڪهڙيون ملون اهڙيون آهن؟هن چيو ته سنڌ مان 16 لک ٽن ڪڻڪ چوري ٿيڻ جي هي ڳالهه ڪن ٿا، پر سنڌ حڪومت ته 1.2 ملين ٽن ڪڻڪ خريد ڪئي هارين کان. هن  وفاقي وزير فخر امام جي حوالي سان چيو ته 6.6 ملين ٽن ڪڻڪ ڪيڏانهن وئي، ڪنهن خلاف به ڪارروائي ناهي ڪئي وئي، ملڪ ۾ يوريا پيدا نه ٿي آهي، ڪڻڪ ۽ کنڊ پيدا نه ٿي آهي. امپورٽ ٿي رهيا آهن، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو وڌي رهيو آهي، آخري ڀيرو حفيظ شيخ کي برطرف ڪيو ويو هو. ۽ هاڻي شوڪت ترين کي ڪڏهن برطرف ڪيو ويندو، هو سٺو ماڻهو آهي پر لڳي ٿو ته جلد ئي هڪ ٻيو ناڻي واري وزير کي برطرف ڪيو ويندو، هاڻي کيس قرباني جو ٻڪرو بڻايو ويندو، هن چيو ته سنڌ  ٽن سالن کان 70 سيڪڙو گئس پيدا ڪري رهي آهي پر اتي گئس نٿي ملي، پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي رهي آهي جڏهن ته عالمي سطح تي پيٽرول جا اگهه گهٽجي رهيا آهن، هن ظالم حڪومت کان ڪو به طبقو محفوظ ناهي،  سياسي پارٽين کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ۽ پارليامينٽ جي بي عزتي ڪئي وئي آهي هن چيو ته بني گالا وانگر سڄي ملڪ ۾ قبضن جا مسئلا آهن ۽ ٻيا به آهن، سڄي ملڪ ۾ هڪ جهڙو نظام هجڻ گهرجي، ڪراچي ۾ 50 سال پراڻيون عمارتون آهن، مصطفيٰ ڪمال 50 ايڪڙ زمين ماڻهن کي الاٽ ڪرڻ جو جواب ڏنو. عوام کي زمينن جي الاٽمينٽ بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پي ٽي آءِ چاهي ٿي ته مڪاني چونڊون بلدياتي چونڊون نه ڪرايون وڃن، ڇو ته ملڪ ۾ بحران آهي، عوام هنن نااهل حڪمران کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ چاهي ٿي. هن چيو ته وزيراعظم سميت سڄي ڪابينا پيدل آهي. کين آئين ۽ قانون جي ڪا به خبر ناهي، سنڌ جي وڏي وزير پاران قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي لکيل خط به ميمبرن ڏانهن نه موڪليو ويو، سنڌ جي آدمشماري تڪراري هئي، اسان کي ان تي تحفظات هئا، ايم ڪيو ايم به اعتراض واريا. پر سي سي آءِ جي اجلاس ۾ حڪومت جو ساٿ ڏنو ۽ اهڙي طرح آدمشماري بابت اسان جو ريفرنس ختم ڪيو ويو، پنج سيڪڙو آڊٽ جو فيصلو ڪيو ويو پر ائين نه ٿي سگهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو