وزير زبون حال اسڪولن جي لاءِ ڪهڙو ڪردار ادا ڪندو؟

ليکڪ  عقيل عباسي

سنڌ جي صوبائي وزير تعليم سردار شاهه تازو پنج هزار اسڪول بند ڪرڻ جي ڳالهه ڪري پوري تعليمي اسٽريڪچلر کي ڄڻ ته خوف ۽ ڊپ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، وزير موصوف جو چوڻ آهي تعليمي ادارن اسڪولن جا دورا ڪندي خوف ٿو ٿئي ته متان اسڪولن جي عمارتن جا ملبا نه ڪري پون ۽  چئي ٿو ته ڪهڙي منهن سان دورا ڪريان تعليمي ادارن ۾ سهولتون ئي ناهن، 99 سيڪڙو تعليم کاتي ۾ ٽرانسفر ۽ پوسٽنگ کاتو بڻيل آهي، هروڀرو گهمڻ ۾ ڪو فائدو ناهي، ماستري جي ٽيسٽ ۾ 5 لک اميدوارن مان صرف 13 هزار پاس ٿيا آهن. اسڪولن جو انگ گهٽائڻ چاهيون ٿا، اوطاقن لاءِ ٺهرايل اسڪول بند ڪيا ويندا، پنج هزار اسڪولن مان 3 هزار ڇهه سئو اسڪولن جي فهرست اخبارن ۾ ڏينداسين ۽ هن طرح جون ٻيون ڪافي ڳالهيون صوبائي وزير تعليم سردار شاهه هڪ تقريب ۾ ڪندي ڪيون، نمبر پهرين ڳالهه ته  صوبائي وزير تعليم اها ڳالهه تسليم ڪئي آهي ته تعليمي ادارن ۾ سهولتون ڪونهن ؟ ، جيڪڏهن سهولتون ڪونهن ته پوءِ ڪير سهولتون ڏيندو ۽ ڪنهن کان اهي سهولتون وٺي سگهجن ٿيون، نمبر ٻي ڳالهه ته  ڪهڙي منهن سان دورا ڪريان ؟،  واقعي سنڌ جو صوبائي وزير تعليم ڪهڙي منهن سان دورا ڪري سگهي ٿو، ها انهي جي ڳالهه سئو سيڪڙو صحيح ۽ درست آهي ته شايد دنيا جو هيءُ واحد ملڪ پاڪستان آهي جتي انهي جي صوبه سنڌ ۾ تعليم کاتي کي يتيم ٻار جيان نڌڻڪو ۽ لاوارث ڪري هلايو وڃي ٿو، سنڌ جي اسڪولن ۾ ٻيو ته ٺهيو پر سوين هزارين ٻارڙن شاگردن ۽ شاگرديڻين لاءِ باٿ روم ٽوائلٽ  ( ڪاڪوس) ڪونهن  جتي ٻار فطري مامري حاجت وقت وڃي سگهن، هي اسڪولن جي گهٽين، سائيڊن ۽  اوسي پاسي حاجت وقت سخت پريشانين کي منهن ڏيندا رهن ٿا، سنڌ جي 90 کن 95 سيڪڙو پرائمري اسڪولن ۾ صفائيءَ سٿرائيءَ وارو عملو سالن کان ناهي مقرر ڪيو ويو، جنهن ڪري هن جديد دور ۾ به اسان جي مستقبل ج معمار صبح صبح سوير جو اسڪول اچڻ شرط پنهنجي اسڪولي يونيفارم ۾ ٻهاري کڻي اسڪولن جي صفائي سٿرائي ڪندي ڌوڙ ٿي وڃن ٿا، جنهن ڪري ڪيرتن کي اتان الرجڪ چمڙي جي بيماري ٿئي ٿي ۽ ڪيترن کي پرائمري اسڪولن جي صفائي سٿرائي ڪندي هيٺ مٿي هيڏانهن هوڏانهن بينچون، ڪرسيون، ميزون کڻندي ڌڪ به رسن ٿا ۽ ڪيترائي زخمي به ٿي پون ٿا، انهي سلسلي ۾ بيشمار دفعا والدين شڪايتون به ڪري ڪري ٿڪجي پيا آهن ته  اسان جا ٻارڙا اسڪول ۾ پڙهڻ اچن ٿا يا هتي اسڪولن جي صفائي ڪرڻ اچن ٿا، اسڪولن جا پلي گرائونڊ ( راند جا ميدان ) محدود بلڪ نه هجڻ برابر آهن، اڪثر پرائمري ، مڊل ۽ سيڪنڊري اسڪولن جون بلڊنگون عمارتون زبون حاليءَ جا منظر پيش ڪري چڪيون آهن، سالن جا سال ترقياتي ڪم نٿا ٿين، ايڊيوڪشن ورڪس ڊپارٽمينٽ جون وري پنهنجون فرمائشون، من پسنديون ۽ ٺيڪيداري سسٽم ۾ مجبوريون يا اتي وري ٻيون ڏيتي ليتيون طريقه ڪار ۾ ڪي اوڻايون آهن. جنهن ڪري اڪثر اسڪولن جون عمارتون حڪومت سنڌ پاران توجهه ڌيان نه ڏيڻ سبب ڀوت بنگلي جو ڏيک ڏيڻ لڳن ٿيون، سنڌ ۾ اسڪول نڌڻڪا آهن اها ڳالهه ڪو ٻيو ڪري ته عام ڳالهه آهي پر جڏهن اها ڳالهه هڪ ذميدار صوبائي وزير تعليم سردار شاهه خود ڪري ته وڏي اهميت رکندڙ آهن، هڪ طرف 40 هزار جي لڳ ڀڳ نون ماسترن جي نوڪريون ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي ته وري ٻئي پاسي وزير موصوف صاحب 5 هزار اسڪول بند ڪري الائي ڪهڙي منطق ڪري رهيو آهي، جڏهن اهي 40 هزار نوان استاد ڀرتي ٿي ايندا ته پوءِ اهي ڪٿي تعليم پڙهائيندا؟، جڏهن ته هئڻ ائين گهرجي ها ته 40 هزار نون استادن جي لاءِ اڃان وڌيڪ اسڪول کوليا وڃن ها پر هتي ويتر اسڪول بند ڪري نون استادن کي روڊ رستي يا وڻ جي هيٺان پڙهائڻ جي نئين حد بندي يا وري بائيو ميٽرڪ جهڙي نئين پلاننگ آڻي ڪروڙين اربين رپيا ڪمائڻ جي نئين ريهرسل تيار ڪئي وئي آهي. هتي نت نوان ڊراما ۽ فلمون تيار ڪندڙ اڃان ڪي ٻيا هجن ٿا ۽ پتلي تماشي ۾ وري ٻيا ڪردار ادا ڪندڙ اڳتي ٽيلر پيش ڪن ٿا، سنڌ جي تعليم سان وڏي ويساهه گهاتي اها آهي ته هن ايڏي ساري  ايجوڪيشن کاتي ڊپارٽمينٽ سان لاڳاپيل باشعور ساڃاهه وند، غيور دانشور مڃيل ليکڪ اديبن استادن کان ڪير پڇي به نٿو ته انهن جا مجموعي انيڪ قسم جا ڪهڙا ڪهڙا اجتماعي مسئلا آهن؟، رڳو وانگارو پاڪيٽ يونين جيڪا حڪومت جي شير واڌ سان پڇ لٽڪائيندي انهن جي اشاري تي او ڪي سر، ( يس سر) ، سڀ ٺيڪ آهي جي ٻولي،  ٻولي پنهنجا نمبر وڌائيندي رهي ٿي ۽ پنهنجا ذاتي مفاد حاصل ڪندي رهي ٿي باقي مجموعي اجتماعي استادن جا مسئلا اتي جو اتي ئي رهجي وڃن ٿا، جڏهن ٽنهي صوبن جي پرائمري استادن اپ گريڊيشن ذريعي 17 گريڊ جي ڳالهه عملي جامو پهرائي چڪي آهي ته پوءِ سنڌ حڪومت سنڌ جي پرائمري بي ايڊ يا ايم اي پاس استادن کي سروس 25 سال ٿيڻ جي شرط تحت پنهنجن ئي پرائمري اسڪولن ۾ هيڊ ماستر مقرر ڪري هڪ خال پر ڪري سگهجي ٿو ۽ هونئن به جهڙي طرح سينئير پرائمري استادن جن مسلسل 25 سال سنڌي، اردو، انگلش، اسلاميات، رياضي، سائنس، سماجي اڀياس ۽ ٻيا سبجيڪٽ پڙهايا آهن انهن جو تجربو وسيع ۽ بهتر هوندو ته پوءِ انهن پرائمري استادن جو بنيادي حق ٿو بڻجي ته انهن مان بي ايڊ يا ايم اي پاس پرائمري استادن کي 25 يا 30 سال سروس پوري ٿيڻ تي گهٽ ۾ گهٽ رٽائرمينٽ ٿيڻ کان اڳ ۾ انهن کي حڪومت سنڌ ۽ تعليم کاتو ڪو فائدو ته ڏيئي سگهي ٿي ۽ انهن جي ديرينه مطالبي کي پورو ڪري سگهجي ٿو جهڙي طرح پنجاب، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي صوبن جي ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ پنهنجين ڪوششين سان پرائمري استادن کي هڪ بهترين ريليف ڏنو آهي ۽ پوءِ پنجاب، بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا جي تعليم کاتي ۾ انقلابي تبديليون رونما ٿين لڳيون آهن، سنڌ صوبي جا حوال سڀني جي اڳيان آهن، جڏهن وزير صاحب ئي اسڪولن جي عمارتن ۾ اچڻ کان خوف ۽ ڊپ ۾ مبتلا ٿيڻ جي ڳالهه ڪري ٿو ته پوءِ شاباس آهي هزارين لکين سنڌ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي جيڪي روزانو انهن زبون حال عمارتن بلڊنگن ۾ درس و تدريس جو عمل جاري رکن ٿا. وزير موصوف کي گهرجي ته انهن هزارين لکين ٻارڙن جي محفوظ زندگين لاءِ سڪولن جي عمارتن کي پڪو مضبوط ڪرائڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي اپاءَ قدم کڻندي اسڪولن کي بهتر خوبصورت حالت ۾ بنائڻ لاءِ ڪوششون ورتيون وڃن. هر ايندڙ ڏينهن ۾ اهي نيوز سامهون اينديون رهنديون آهن ته فلاڻي اسڪول جي زبون حال عمارت جي ملبي ڇاپڙن ڪرڻ سبب شاگرد بچي ويا خدانخواسته جيڪڏهن ڪٿي ڪو افسوسناڪ واقعو درپيش اچڻ لڳي ته انهيءَ جو ذميوار ڪير هوندو؟، حالتن جي ستم ظريفي جو اربين رپيا هن تعليم کاتي تي ڪاغذن انگن اکرن ۾ ته خرچ ٿين ٿا پر عملي طرح هن نڌڻڪي کاتي جو ڪو ڌڻي سائين اکيون ٻوٽي ويٺو آهي، خدارا تعليم کاتي کي ڪو واڌارو اضافي بوجهه نه سمجهي ڪري انهي کي هلائڻ بجاءِ نه هلائڻ جي صف بندي نه ڪئي وڃي ڇاڪاڻ ته جن قومن هن تعليم جهڙي حساس نازڪ ۽ نفيس کاتي جو لحاظ نه ڪيو اهي قومون تباهي بربادي ۽ زوال جو منهن ڏسڻ لڳنديون آهن. تعليم، شعور علم کان بغير ڪا به قوم ترقيءَ جون راهون طئه نٿي ڪري سگهي. سنڌ ۾ تعليم عام ڪرڻي آهي ته پوءِ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ مثالي عملي اپاءَ وٺڻا پوندا ڪنهن به خان، نواب، مير، وڏيري، ڀوتار جي اوطاق نه پر تعليمي اداري کي مقدس اداري طور هلائي پنهنجي ايندڙ نسل کي خوشحال سنڌ جو تصور ڏيارڻو آهي. سنڌ جي اندر خوفناڪ ۽ ڀوائتي صورتحال وڏيرا شاهي هجڻ سبب موجودهه دور ۾ به  غريبن مسڪينن هارين، مزدورن ۽ پرائمري استادن جا ٻارڙا وڏي محنت ڪري سي ايس ايس ۽ ٻين ميرٽ اهليت وارن امتحانن پاس ڪرڻ بعد سٺين پوسٽن تي اچي رهيا آهن اهڙي طرح جيڪڏهن پنج هزار اسڪول بند ڪيا ويندا ته پوءِ سمجهو ته پنج هزار ڳوٺن جي تعليم متاثر ٿيندي جيڪا هڪ وڏي بدنيتي ۽ نالائقي سمجهي هوندي.           

پهنجو تبصرو موڪليو