وزيراعظم نه پيو ٿيان، لانگ مارچ پري آهي پهرين ڪم ٿي ويندو، شاهه

سکر(بيورو رپورٽ) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ بابت نيب طرفان داخل ريفرنس جي احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي. سيد خورشيد احمد شاهه، صوبائي وزير اويس قادر شاهه ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا. ڄاڻايل ريفرنس ۾ گرفتار ايم پي اي فرخ شاهه کي سينٽرل جيل مان احتساب عدالت آندو ويو۔ ان موقعي تي پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت خلاف مخالف ڌر هڪ پليٽ فارم تي متحد آهي. پاڪستان جي عوام مٿان مهانگائي جو عذاب آندو ويو آهي، پارليامينٽ کي طاقتور بڻائڻو آهي، پارليامينٽ طاقتور هوندي ته سمورا ادارا مضبوط هوندا. هن وڌيڪ چيو ته هاڻي سڀ شيون بهتر ٿينديون وينديون،غلط فهميون ختم ٿي وينديون، مخالف ڌر کي مضبوط ڪرڻ جو ڪريڊٽ منهنجو ناهي پر اسان سڀني جو آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته اڃا ڪا نئين حڪومت ٺهڻ نه پئي وڃي ۽ نه ئي مان وزير اعظم ٿيڻ وڃان پيو، منهنجي وزير اعظم ٿيڻ سان ڪهڙو پهاڙ ٽٽي پوندا، ن ليگ جو هڪ ئي ڌڙو آهي ڪي به ٻه ڌڙا نه آهن. هن چيو ته لانگ مارچ ڪافي پري آهي الله ڪندو پهريان ئي ڪم ٿي ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو