ورلڊ ڪپ جو وڏو اپ سٽ،ڏکڻ آفريڪا کي نيڌرلينڊ هٿان شڪست

ڌرم شالا (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ ٻيو وڏو اپ سيٽ ٿي ويو، نيڌرلينڊز جي ٽيم ڏکڻ آفريقا کي 38 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.ڌرم شالا ۾ برسات جي مداخلت سبب ٻنهي ٽيمن جي اننگز 43-43 اوورن تائين محدود ڪئي وئي، ڏکڻ آفريقا ٽاس کٽي اڳ ۾ بالنگ جو فيصلو ڪيو، دعوت ملڻ تي پهريان کيڏندي نيڌرلينڊز مقرر 43 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 245 رنسون ٺاهيون.نيڌرلينڊز جيي ڪپتان اسڪاٽ ايڊوارڊز 78 رنسن جي اننگز کيڏي، وان ڊر ماروي 29، آريان دت 23، ندامانارو 20 رنسون ٺاهيون.ڏکڻ آفريقا طرفان نگيڊي، جينسن، ربادا 2-2 وڪيٽون ورتيون.جواب ۾ ڏکڻ آفريقي بيٽر نيڌرلينڊز جي بالرن اڳيان بي وس نظر آيا، ڪپتان باووما 16، ڊي ڪوڪ 20، وان ڊر ڊوسن 4، مارڪرم هڪ، ڪلاسين 28، ڊيوڊ ملر 43، جينسن 9، ڪوٽزي 22، ربادا 9 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.نيڌرلينڊز جي بيڪ، ميڪرين، وان ڊر ماروي ۽ ليڊي 2-2 وڪيٽون ورتيون.واضح رهي ته ان کان اڳ افغانستان جي ٽيم به دفاعي چيمپيئن انگلينڊ کي اپ سيٽ شڪست ڏني هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو