والاريل ڪشمير ۾ وڌيڪ هزارين اهلڪار تعينات، نوان مورچا قائم

سرينگر(ويب ڊيسڪ)ڀارت ھزارين وڌيڪ پيرا ملٽري اهلڪار والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ تعينات ڪري ڇڏيا آهن. دنيا جي سڀ کان وڌيڪ ملٽري زونز مان ھڪ وڏي ملٽري زون سرينگر ۾ گذريل ھفتن ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جي وڌندڙ واقعن کانپوءِ فورسز جو تعداد وڌايو ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري اي ايف پي موجب نئين دهلي گذريل ڏهاڪن کان والاريل وادي ۾ 5 لک فوجي مقرر ڪري ڇڏيا آهن. پيرا ملٽري سينٽرل ريزرو پوليس فورس (سي آر پي ايف) جي هڪ ترجمان، بيرام پنڪج، چيو ته “اٽڪل 2,500 اهلڪار پهچي ويا آهن ۽ ڪشمير وادي ۾ مقرر ڪيا ويا آهن.” پوليس آفيسر چيو ته هن هفتي اٽڪل 5,000 اضافي نيم فوجي اهلڪارن کي مقرر ڪيو پيو وڃي. عملي جو هڪ حصو شهري ڪميونٽي هالن ۾ رکيل آهي، نئين مٽي جي ٿيلهن وارن بنڪرز به قائم ڪيا ويا آهن. جيڪو 1990 جي شروعات جي ياد ڏياري ٿو، جڏهن هندستاني حڪمراني جي خلاف مزاحمت پنهنجي عروج تي هئي. گذريل مهيني دوران والاريل وادي ۾ ٽارگيٽيڊ ڪاررواين ۾ 12 ڄڻا مارجي ويا آهن، جن ۾ پوليس آفيسر، هندستان جي اترين رياستن مان لڏپلاڻ ڪندڙ مزدور ۽ سک ۽ هندو برادرين جا مقامي اڳواڻ به شامل آهن. مارجي ويلن مان ڪجهه مقامي مزاحمتي گروپن تي ڀارتي فورسز جا ملازم هجڻ جو الزام هنيو ويو. تازو مقرر ڪيل هندستاني فوجين کي هاڻ ڏٺو ويو آهي ڪيترن ئي نون چوڪن جي چوڌاري مقرر آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو