هڪ بيوه ٻڍڙي کي بي گهر ڪرڻ لاء آيل پوليس فورس ڪهاڻي

محمد خالد ميمڻ
گذريل ڏينهن مان پنهنجي دڪان تي ويٺو هيس ته اوچتو ڏٺم ته تقريبن ڏهاڪو کن پوليس وارا پوليس موبائلون,ڪارون ۽ ڪجھ آفيسرن سامهون وڃي رهيا هئا ته مان به پنهنجيون صحافتي ذميواريون نڀائڻ واسطي انهن جي پويان لڳي پيم ۽ ڏٺم ته اهي زراعت کاتي جي آفيس/ڪوارٽر وٽ بيهي رهيا ۽ ان جو در کڙڪائڻ لڳا پر در کي ڪلف لڳل هيو ته زراعت کاتي جي آفيسر ٻڌايو ته اسان جي هن آفيس تي قبضو ڪيو ويو آھي اهو قبضو ختم ڪرائي آفيس خالي ڪرائڻ واسطي اي سي نوشھروفيروز ۽ اينٽي انڪروچينٽ فورس ۽ ضلع جي پوليس وٺي پهتا آھيون پر جيئن ته ڪوارٽر جي گيٽ کي ڪلف لڳل هيو انڪري ٻيو ڪلف گهرائي ان کي هنيو ويو ۽ ائين اهو قبضو ختم ڪرايو ويو ۽ ان آپريشن جون تصويرون ۽ وڊيوز ٺاهيون ويون ۽ اي سي نوشھروفيروز احسان الله يوسفزئي,ايڊيشنل ڊائريڪٽر زراعت غلام فاروق وسطڙو ۽ اينٽي انڪروچمينٽ جي ايس ايڇ او محمد اسماعيل زرداري ميڊيا کي گڏيل بيان ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم مطابق جن به سرڪاري جاين پلاٽن ۽ ڪوارٽرن تي قبضا ٿيل آھن اهي ڇڏائي متعلقه کاتن جي حوالي ڪرڻ آيا آھيون ۽ اڄ زراعت کاتي جي ان آفيس تي ٿيل قبضو ختم ڪرائي زراعت کاتي جي آفيسر حوالي ڪيو آھي ۽ جلد هڪ ٻن ڏينهن ۾ وري به اينداسين ۽ ٻين سرڪاري پلاٽن سرڪاري کاتن جي جاين تي ٿيل قبضا هٽرائي انهن کاتن جي حوالي ڪنداسين اهو بيان ڏئي سڀ هليا ويا هاڻي اچو ته مان اوهان کي ان زراعت کاتي جي آفيس/ڪوارٽر جي مڪمل ڪهاڻي ٻڌايان ٿو جيئن ته منهنجي گهر ڀرسان يونين ڪائونسل ڦل جي آفيس آھي ۽ ان ئي آفيس جي ڏنل زمين تي گڏوگڏ زراعت کاتي جي هڪ آفيس/ڪوارٽر پڻ ٺهيل آھي جنهن جا ٻه دروازه آھن هڪ يوسي آفيس اندر ته هڪ وري ٻاهر ڏانهن کلي ٿو ان زراعت جي آفيس کي مان تڏهن کان ڏسندو ٿو اچان جڏهن کان سمجھ لائق ٿيو هيس ان وقت به اتي ڪڏهن به زراعت کاتي طرفان ڪوبه عملدارن ويٺل نه ڏٺم ۽ وري جڏهن 2001 ۾ يوسي ڦل جو نائب ناظم ٿيس ته پنهنجي ناظمي جي چار سالا مدي دوران به زراعت کاتي جو ڪو عملدار ان جاء تي اچي ڪري نه ويٺل ڏٺم مطلب ته اها جاء سدائين خالي رهندي هئي ۽ يوسي انتظاميه جي حوالي هوندي هئي ته ڪجھ سال اڳ هڪ بي گهر بيوه عورت مرحوم خدابخش ميراسي جي گهرواري اچي ويٺي جيئن ته اها هڪ غريب مسڪين بي گهر هئي انڪري سندس جي ان جاء ۾ ويهڻ تي ڪنهن به شھري اعتراض ڪونه ڪيو ۽ نه ئي زراعت کاتي طرفان ئي کيس کي رهڻ جي لاء روڪيو ويو يان کيس کي نه ئي ڪو نوٽيس وغيره ڏنو ويو ۽ ائين اها ويچاري بي گهر عورت ان آفيس/ڪوارٽر کي گهر ڪري ويٺي هئي ته سرڪار جا عملدار وڏي فورس وٺي کي هڪ دفعو وري بي گهر ڪري وڏي فاتحاڻه نموني هليا ويا جڏهن ته ڦل شھر اندر ئي ڪيترن ئي سرڪاري کاتن جي آفيسن سرڪاري پلاٽن ۽ سرڪاري زمينن تي قبضا مافيا جا قبضا ٿيل آھن پر هڪ هفتو گذرڻ باوجود انهن خلاف ڪوبه آپريشن نه ڪيو ويو آھي ڇاڪاڻ ته اهي قبضا مافيه سياسي اثررسوخ رکندڙ آھن باقي هڪ غريب مسڪين بي گهر بيوه ٻڍڙي عورت کي هڪ دفعو وري بي گهر ڪرڻ واسطي اي سي صاحب ضلعي جي پوليس فورس وٺي ڪري وڏو ڪارنامو ڪري هاڻي اها رپورٽ ڪورٽ کي پيش ڪري پنهنجيون ذميواريون ڀرپور نموني نڀائڻ جو مظاهرو ڪندو پر کين اها ڪهڙي خبر ته مسڪين غريب ٽي بي جي بيماري ۾ مبتلا بيوه عورت خدابخش ميراسي هاڻي ڪاڏي ويندي اها هاڻي ڪٿي رهندي پنهنجا ٻچا وٺي وري دردر پئي ڀٽڪندي کيس جي نصيب ۾ شايد اهو ئي دردر ڀٽڪڻ ۽ روز روز بي گهر ٿيڻ لکيل آھي ۽ ائين ئي ويچاري تڪليفون درد سهي پنهنجي حياتي جي پڄاڻي ڪندي ڪجھ ڏينهن بعد اها عورت مون وٽ آئي ۽ صفا ڪمزور نظر پئي آئي ۽ چيائين ته ابا خالد مان سخت بيمار آهيان اسپتال داخل هيس ڊاڪٽرن چيو آھي ته تون کي ٽي بي ٿي وئي آھي منهنجي اسپتال وڃڻ بعد پوليس آئي هئي ۽ در کي ڪلف هڻي وئي آھي هاڻي مان دربدر آھيان مون چيومانس ته امان ڀلا احتجاج ڪر ته چيائين نه ابا مان ڊڄان ٿي متان وري مون مسڪين کي جيل ۾ نه وجهي ڇڏين ۽ ائين ويچاري روئڻ لڳي ۽ روئيندي چيائين ته ابا بس هڪ مهرباني مون تي ڪر ته مان ڪجھ کٽون ۽ ٻيو گهر جو سامان جيڪو مون گهر گهر پني ڪري ٺاهيو هيو اهو اتان کڻڻ جي اجازت وٺي ڏي ته مان پنهنجو سامان کڻي وڃان اهو چئي هلي وئي ۽ مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو ته ملڪ جي سڀ پارٽي جي منشور ۾ بي گهر ماڻھن کي گهر ڏيڻ جو ذڪر هوندو آھي پر الائي ڇو بي گهر ماڻھن کي گهر ته ٿا ڏنا وڃن پر سندن کي ڪنهن نه ڪنهن نموني سان بي گهر ضرور ڪيو ٿو وڃي جنهن جو تازو مثال هي ٻڍڙي غريب مسڪين عورت بيوه خدابخش ميراسي آھي جيڪا اڳ به بي گهر ته وري هڪ عارضي گهر مليس ته هاڻي وري کيس هڪ دفعو وري بي گهر ڪيو ويو آھي ان لاء منهنجي وفاقي حڪومت,سنڌ حڪومت کي هٿ ٻڌي عرض آھي ته خدارا بي گهر ماڻھن کي گهر ته نه ٿا ڏيو پر ڪنهن کي بي گهر نه ڪريو نه ته انهن غريبن مسڪينن جون آھون ۽ دانهون اوهان کي به بي گهر ڪري ٿيون سگهن

پهنجو تبصرو موڪليو