هڪ آوارا گرد عالم جي ڪهاڻي

ليکڪ وسعت الله خان

اها ڳالهه تقريباً 22 سال اڳ جي آهي، مان بي بي سي اردو جي رومنگ يعني گردشي رپورٽر جي نمائندي جي حيثيت سان پاڪستان جي شهرن جو دورو ڪري رهيو هوس ۽ زندگيءَ جي مختلف پهلوئن تي ريڊيو فيچرز ٺاهي رهيو هوس ۽ انهن شهرن ۾ رڳو مقامي رپورٽر موجود هئا، عالمي ميڊيا ته پري جي ڳالهه آهي پر پاڪستان جي قومي ميناسٽريم ميڊيا وارن کي به نه ڏٺو هو. اهڙو ئي هڪ سفر مون ڊيره غازي خان کان ڊيره اسماعيل خان جي رستي ۾ پهريون ڀيرو سيپٽمبر 2002ع ۾ عام چونڊن کان اڳ ڪيو هو، ته جيئن عوام جي راءِ ۽ مقامي زندگيءَ تي فيچر ٺاهي سگهجي. تونسه شريف به انهن ٻن شهرن جي وچ ۾ واقع هو. مون تونسه جي حوالي سان حضرت شاهه سليمان عرف پير پٺاڻ جو نالو به ٻڌو هو، مون انڊس هاءِ وي تان ٽئڪسي جو رخ شهر ڏانهن ڪيو. مون کي ٿوري به خبر نه هئي ته اهو بي سوچو سفر ايندڙ 22 سالن تائين مون کي پڪڙيندو، مون هڪ چانهه جي هوٽل تي ٽيڪسي روڪي. چانهه آئي، چانهه پيتي. ويٽر کان پڇيو ڪيترا پئسا؟ ويٽر چيو، ”پيسا ملي ويا.“ مون پڇيو، ”ڀاءُ، ڪيئن؟ چوڻ لڳو، ”اڙي، جيڪو صاب ڇوڪرن وٽ ويهي ٽهڪ ٿو ڏئي ان ڏئي ڇڏيا. هن جو حڪم آهي ته توهان مهمان آهيو” مون ڪنڌ ورائي ڏٺو ته هڪ ننڍڙي ڏاڙهي، ٿلهو، ڊگھو سفيد شلوار قميص پهريل، ٽنگ تي ٽنگ رکي ويٺو هو 7 نوجوان کي ڪجهه سيکاري رهيو هو.“  مون پنهنجو حليو ڏٺو ۽ معاملي جي تهه تائين پهچي ويس. شلوار قميص جي ڪلچر جي وچ ۾ جينز، قميص ۽ ٿيلهو لٽڪيل هو اڪيلو جانور هئس، جنهن کي ڪنهن اجنبي مسافر جيان سڃاڻي سگهجي ٿو.

Mahmood Nizami

ان مهل سفيد پوش ماڻهو رڙ ڪري چيو، ”سائين، توهان ڪٿان آيا آهيو؟“ مان چانهه جو شڪريو ادا ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌيس. هو اٿيو ۽ گرمجوشي سان رڙ ڪري چيائين، ”خادم محمود نظامي، تنهنجو تعارف ڇا آهي؟ مون کيس پنهنجي باري ۾ ٻڌايو. هو وري پنهنجي ڳالهه پوري ڪرڻ ۾ مصروف هو، پوءِ چيائين ته شام ​​ٿي وئي آهي، اڄڪلهه ڊيرا اسماعيل ڏانهن رستو ٺيڪ ناهي مون وٽ ترسي پئو۽ اٺ تائين اها شام ختم ناهي ٿي.

محمود نظامي دانشور هو، عقليت، لوڪ ڏاهپ ۽ سياسي ۽ سماجي فهم جي ڪنهن به ڪتابي وصف تي پورو نٿو لهي. اوهان جي سهوليت لاءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته هو کاٻي ڌر جو هو، ڪجهه عرصو اصل نيشنل عوامي پارٽيءَ سان به لاڳاپيل رهيو. اهو آزاد مفڪر جيڪو عوام دشمن جذبن جي بوءِ رکندڙ ڪنهن به نظريي کي ڀت سان لڳائي سگهي. محمود نظاميءَ جو پنهنجو انداز هو. هن لاءِ زندگي مسلسل وهڪري تي لکيل هڪ کليل ڪتاب هو. جڏهن ته گهڻو ڪجهه پڙهڻ ۽ ڏسڻ جي باوجود هن ڪڏهن به پنهنجي يادگيريءَ کي بند نه ڪيو ۽ نه ئي ڪڏهن صحيح مضمون لکڻ جو سوچيو.پر ٻه ٽي نسل ڏکڻ پنجاب سميت پري پري کان اچي هن وٽان ڪجهه علم حاصل ڪيو. هو هڪ فري ٿنڪر هو ۽ زندگي کي گهوٽي پي ڇڏيو هو.

ان لاءِ ته ڪجهه به لکڻ ضروري نه آهي، حضرت شاهه سليمان تونسوي نه ته رڳو ڳالهائيندو هو، وتايو فقير آخر ۾ ڪيترا پمفليٽ لکيا؟ تونسه جيتوڻيڪ استادن جي سرزمين آهي، سندس هزارين فرزند بلوچستان سميت سڄي ملڪ ۾ تعليم ڏئي رهيا آهن، محمود نظامي به ان روايت جو امين هو. تنهن هوندي به، جيڪو قبيلو صرف علم جي پروٽين سان ڀريل تقريرن، قصن، لطيفن، سان نسل سازي ڪندا هئا. شعوري علم لاشعور ۾ ڪمال سان لاهيندو هو، اهو نسل هاڻي ناپيد ٿي چڪو آهي.

محمود نظامي اهو هنر خوب ڄاڻندو هو، ڪنهن به فٽ پاٿ، چاءِ خاني،  گهر يا ڊرائنگ روم کي هو هلندڙ فرندڙ درسگاهه بڻائي ڇڏيندو هو. هو پيادل هلڻ جو شوقين هو. اونهاري ۾ خوش رهندو هو، بس ايترن پيسن لاءِ فڪرمنڊ رهندو هو ته اڄوڪو ڏينهن ڪٽجي وڃي. هن جا جيڪي واسطيدار ذريعا هئا جيڪي هزارن ۾ هئا انهن کي استعمال ڪرڻ ۾ حقارت محسوس ڪندو هو ته دوستن کي تڪليف نه ڏجي. هن پاڻ کي عام ماڻهو تائين محدودو رکيو ۽ چاهي ته گهڻو ڪجهه ڪمائي سگهي پيو پر هن ايئن نه ڪيو. هو چوندو هو ته انسان کي خوشي اندر مان ملندي آهي ٻاهر خوشي تلاشيندڙ ڳوليندا رهندا پر کين خوشي هٿ نه ايندي. يعني خواهش نه رکو.

نظاميءَ کي مادي چالبازين ۽ سوداگريءَ جي فن سان ڇا واسطو هو؟ هڪ ڪهاڻي ٻڌو. 2010ع جي ٻوڏ جي ڪوريج دوران مان کين پاڻ سان گڏ تونسه کان وٺي آيس. ان وقت امدادي تنظيمن سڀ فور وهيل گاڏيون ڪرائي تي وٺي ڇڏيون هيون. وڏي مشڪل سان نظامي صاحب جي هڪ دوست جي معرفت ملتان ۾ هڪ رينٽيل ڪار جي مالڪ آخري فور ويلر ڪرائي تي ڏيڻ تي راضي ٿي ويو ۽ ڀاڙو چار هزار ٻڌايو ۽ چيو ته پيٽرول اوهانجو هوندو. مان هڪدم راضي ٿي ويس، نظامي صاحب ناراض ٿي ويو، هن رينٽ اي ڪار مينيجر تي حملو ڪيو. اوهين بليڪ ميلر آهيو، هي ڪار ضياءَ جي دور ۾ اٺ سؤ رپيا هئي، توهان وڌ ۾ وڌ ٻه هزار وٺي سگهو ٿا، پر چار هزار بدمعاشي آهي. ايتري ۾ هڪ صاحب آيو ۽ هن ساڳئي گاڏيءَ پنج هزار رپيا ڪرائي تي ورتي. مون نظامي صاحب کان پڇيو ته، توکي وچ ۾ ٽپو ڏيڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ هن چوڻ شروع ڪيو ته هي اوهان ماڻهن جو مسئلو آهي، سامهون وارو ماڻهو جيڪو به چوي، اوهان ها ڪري بيهي ٿا رهو. ان ئي وقت هنن ٽي چار ڀيرا مئنيجر جي بي عزتي ڪئي ۽ اسان ٻئي واپس هلڻ لڳاسين، هڪ اين جي او واري اسان ٻنهي کي پاڻ سان گڏ هلڻ جي دعوت ڏني. متاثر ٿيل علائقي ڏانهن. نظامي صاحب ڪجهه به نه چيو ۽ پنهنجي طبيعت جي برخلاف سڄي واٽ خاموش رهيو، پوءِ رات جو چوڻ لڳو ته ”تون ٺيڪ آهين اسين دنيا داري مان نه ڄاڻون. هڪ ڏينهن خبر پيئي ته نظامي صاحب جي شادي ٿي وئي آهي، ان وقت سندس عمر 50 سال هئي، مان سوچي رهيو هوس، ايندڙ ملاقات ۾ کائنس پڇيم تنهنجي زندگي جو ڍنگ نرالو آهي جٿي پڪي اتي کاڌي هي رشتو ڪيئن نڀائيندي، کلي چيائين اسان هن عمر ۾ ته گل پيا ٺاهيندا آهيون پر ڇا ڪجي والدين جي ضد هئي، پوڙهائپ ۾ آرو ٿا ڇڪرائين. مان انهن کي ڇا چوان؟ هن جا ٻه ٻار هن وقت سٺن اسڪولن ۾ پڙهي رهيا آهن، مون وٽ نظامي جو موبائل نمبر محفوظ آهي، پر هاڻي اهو آواز ڪڏهن به نه ايندو ته ’ڪٿا هو زندگي بيزار ڪريندي پئي اي‘.

پهنجو تبصرو موڪليو