’هٿ صاف اٿو ته اليڪشن ڪميشن کي ڪاروائي ڪرڻ ڏيو‘

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) ۾ نا اهلي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ لاءِ فيصل واوڊا جي درخواست رد ڪري ڇڏي. پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) اڳواڻ سينيٽر فيصل واوڊا اليڪشن ڪميشن جي 12 آڪٽوبر واري فيصلي کي چئلينج ڪيو هو ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله سندس درخواست رد ڪري ڇڏي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته فيصل واوڊا خلاف 60 ڏينهن ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي، اوهان پنهنجي بيگناهي ثابت ڪريو. جسٽس اطهر من الله چيو ته اوهان جا هٿ صاف آهن ته اليڪشن ڪميشن کي ڪاروائي ڪرڻ ڏيو. واضح رهي ته فيصل واوڊا جي نااهلي جو ڪيس اليڪشن ڪميشن ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي. مٿس الزام آهي ته هن پرڏيهي شهريت ڇڏي ڏيڻ بابت ڪوڙو حلف نامون جمع ڪرايو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو