ڏياري جون رسمون جاري، هندن لاءِ عام موڪل

ڪراچي نمائندن وٽان) سڄي سنڌ اندر هندو برادري پاران هر سال ملهائجندڙ ٽن ڏينهن واري مذهبي تهوار ڏياري جون تقريبون شروع ٿي ويون آهن ۽ مختلف مندرن ۾ مسلمانن به هندو برادري جي تقريبن ۾ وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪري کين ڏياري جون مبارڪون پيش ڪيون. سنڌ حڪومت هندو برادري لاءِ صوبي ۾ سومر تي عام موڪل جو اعلان ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ ڪشمور وٽان جي ايم کوسو مطابق هندو برادري سان گڏ مسلمانن به ھندو برادري جي طرفان ڏياري جي موقعي تي پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري گوردوارا مندر پهچي ڏياري جو ڪيڪ پڻ ڪٽي ھندو ڀائرن ۽ ڀينرن کي پڻ ڏياري جون وڌايون ڏنيون ان  کان پوء بلاول ڀٽو پ پ پ جي ضلعي صدر گل محمد جکراڻي جي مانجھاندي ۾ شرڪت لاء جکراڻي ھائوس پھتوجي مختصر خطاب ڪندي چيو ته نيازي جيترو وڻي ظلم ڪري پر اسان سنڌ جي حقن جي لاءِ ڪابه سوديبازي نه ڪنداسين اسان پنھنجي جدوجھد جي شروعات ڪراچي کان ڪشمير تائين جي شروعات ڪري ڇڏي آھي ڪشمور کان اسان جي سفر پنجاب ڏانھن آھي. .

ان موقعي تي ايم اين اي سردار احسان الرحمان مزاري، ايم پي اي حاجي عبالرئوف کوسو مھمانن کي پٽڪو اجرڪ ٽوپي تحفي طور پيش ڪيا *** سکر مان جئيرام داس مطابق ھندو برادري پنهنجو ڏڻ ڏياري ملهائيندي سنڌ ۾ رهندڙ ھندو سک ڌرمي ڏڻ ڌام ڌوم سان ملهائيندي شام جي وقت مندرن ۽ گردوارن ۾ پوجا ڪئي ويندي ڏياري جي موقعي تي گهرن ۾ ڏيئا ٻاريا ويندا ۽ رات جو ڦٽاڪا ٻاريا ويندا سکر ۾ ڏياري جي خوشي کي ٻيڻو ڪرڻ لاء ھندو برادري طرفان فيملي ميوزيڪل پروگرام ڪرايا ويا آهن سکر  جي مکي جو چوڻ آھي ته حڪومت سنڌ ڏياري تي موڪل جو اعلان ڪري هندو برادري کي  ڏياري جو تحفو ڏنو آهي. *** چيلهار مان ساجدنهڙيو مطابق هندن جي مذهبي تهوار ڏياري جي مناسبت سان چيلهار جي روهيلا ڪالوني ۾ شاندار تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾شهرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪري پروگرام کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. ڳوٺاڻن نند لعل روهيل ۽ گووند گل جي محنتن سبب گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن سالماڻهن جي شرڪت وڌائي زبردست پروڳرام ڪري جس ڏيڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. باک ڦٽڻ تائين جاري رهندڙ پروگرام ۾ چيلهار ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ڀوريلو کوڙبي، بجل مڙهو ۽ ٻين ڳوٺن مان ڳوٺاڻن شرڪت ڪئي ۽ ٻارڙن کي انعام ڏنا پروگرام جي آخر ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ رٽائرڊ ٿيندڙ نامور استاد ڀيشم مهشوري کي ايوارڊ سان نوازيو وي

پهنجو تبصرو موڪليو