ڇا هاڻي ادب به ڪاروبار بڻجي ويو آهي؟

مهر فقير
ڪيترن ئي ڏينهن کان فيس بوڪ تي خبرون پئي هليون ته سنڌ جي گاديء واري ۽ افغانين جي ڳڙه شهر ڪراچيء جي آرٽس ڪائونسل ۾ جمعو , ڇنڇر ۽ آچر 3.4.5:03:2023 تي سنڌي ادبي ميلو يعني ڇهون سنڌ لٽريچر فيسٽيول ملهايو ويندو , ها اهو هڪ سٺو سنوڻ اهي جنهن سان ادب دوستن کي گڏجڻ سان گڏ پنهنجي خيالن جي اظهار جو اسڪرين ميڊيا وسيلي موقعو ملي ٿو ايترو ئي نه پر اهڙن ڪتابي ميلن جي ڪري ادبي ڪتابن جو به ڪافي وڪرو ٿئي ٿو ۽ گڏوگڏ ٻيا به ڪيترائي اسٽال لڳائي سنڌ جي تاريخ , تهذيب , ثقافت ۽ هٿ جي هنرن وغيره کي هٿي ملڻ سان گڏ پذيرائي ملي ٿي , ڇو ته اهڙن ميلن منجھ ڳوٺن جون پورهيت عورتون رليون , وهاڻا , ٽوپيون , اجرڪ , پرسون وغيره جو ڪاروبار ڪن ٿيون جيڪو اهڙين محنت ڪش عورتن جي هٿ واري هنر کي ڳوٺن منجهان ڪڍي شهرن تائين متعارف ڪرائي عزت سان گڏ روزيء جو به ڪارڻ پيدا ڪري ٿو .
مون کي ميلن گهمڻ جو ڏاڍو شوق آهي جيئن سنڌي ماڻهن کي بغل ۾ ڪڪڙ کڻي هلڻ جو شوق آهي پر انهن ڪوڪڙاين منجهان هر ڪوڪڙائي شرط رکي ڪڪڙ ناهي ويڙهائيندو ڇو ته ڪڪڙ ويڙهائڻ غلط عمل آهي ايئن ئي مان به ميلن تي وڃي ڏسندو ۽ جائزو وٺندو آهيان ته اتي ڇا ٿو وهي واپري ها سچ اهو آهي ته ميلن تي عقيدت وارا گهٽ پر عياش پرست وڌيڪ هوندا آهن جن ۾ عورتن خاص ڪري جوانڙين جو بنا پردي وارو انگ سوايو هوندو آهي ۽ اهو عمل قرآن و حديث جي روشنيء ۾ بلڪل ئي غلط ۽ گمراهي وارو عمل آهي جيڪو هر صورت ۾ تاحيات ختم ۽ بند ٿيڻ گهرجي , ڇو ته جتي عورت بنا پردي سنهي سوڙهي تنگ لباس سان ويندي يا گهمندي آهي اتي غير مرد جون اکيون ڪنهن به قيمت تي گهوري ڏسڻ کان نه مڙنديون آهن جنهن سبب اڪثر ڪري بي حيائي کي هٿي ملندي آهي .
ايئن ئي ادبي ميلا به آهن جتي پري پري کان اديب شاعر اچي ڪٺا ٿيندا آهن ته جيئن ادب جي واڌ ويجھ خاطر مختلف صنفن تي ويهڪون ڪوٺائي کيس سگهارو بڻائي عالمي سطح تي اجاگر ڪري سگهجي ۽ انهن ادبي ميلن منجھ هر طرف مختلف ليکڪن شاعرن جا ڪتاب ئي نظر ايندا آهن جيڪي اسٽالن تي سجائي وڪري خاطر رکيا ويندا آهن ڇو ته ادب شهرت سان گڏ ڪاروبار جو درجو به رکي ٿو تڏهن ئي ته اڪثر ڪري اديب عهدن جي حاصلات خاطر وڏي ڀڄ ڊڪ ڪندا آهن ته جيئن وڏي عهدي تي رهي ڪري نالو ڪمائي مشهوري ماڻي سگهجي .
آچر 05.03.2023 تي آرٽس ڪائونسل ڪراچي سنڌ ۾ ڇهون سنڌ لٽريچر فيسٽيول جو پويون ڏينهن هيو سو دل گهريو ته وڃي ڪو چڪرڙو ڏئي اچان ۽ من نه من ڪو ڄاڻ سڃاڻ وارو به ملي پوي , تنهن ڪري نوڪري ختم ٿيڻ بعد شام ڌاري ڪورنگيء کان سڌو وڃي آرٽس ڪائونسل پهتس ۽ بائيڪ ڪنهن محفوظ هنڌ تي پارڪ ڪري , ڇو ته اڄ ڪلھ جتي ڪٿي چورين جو آزار به ايئن وڌي ويو آهي جيئن ٻهراڙين ۾ ٻوڏ کان بعد تباهي جو آزار ۽ منظر پر خير هتي چوريون ڌاڙا به خاص ڪري آشيرواد تي ئي جاري هوندا آهن ڇو ته جيڪڏهن پوليس ۽ تڪ جا چڱا مڙس ايمانداريء جو مظاهرو ڪن ته هوند ڪو سُئي به چوري نه ڪري سگهي , سو ايئن ڪائونسل جو مک دروازو لنگهي اندر داخل ٿيس ته واه واه هر طرف سچ پچ وارو ميلو متو پيو هو , هر طرف ڪتابن جا اسٽال , مختلف قسم جي هٿرادو هنرن جا اسٽال , ڳائڻ وڄائڻ وارا الڳ , چوطرف بلبڙا ۽ سنڌي ادبي ميلي جا پمفليٽ نمايان هيا , ته وري هڪ سهڻي اسٽيج تي مختلف مقرر پنهنجي پنهنجي مليل وقت تحت ڪرسين تي ويٺل ادبي ميلو گهمڻ لاء آيلن کي سياسي , سماجي ۽ ادبي ڪٿائن جون چونڪڙيون ٻڌائي نئون روح ڦوڪي رهيا هيا ۽ مان به ايئن اڪيلي سر وائڙن وانگر هيڏي هوڏي لوڻا هڻي رهيو هوس ته من ڪو عليڪ سليڪ وارو ملي پوي ته ايتري ۾ هڪ اسٽال تي ويٺل ڪيترن ئي مختلف ڪتابن جو مصنف سائين اقبال بلوچ مهر فقير چئي سڏڙو ڪيو ۽ نهايت ئي اڪير وچان ڀاڪر پائي مليو ۽ بيٺي پير سيلفي به ٿي وئي ته نمبر جي ڏي وٺ به ڪئيسون ۽ سائين چيو ته جڏهن وقت ملي ته بدر ڪمرشل ڊيفينس ڪراچي ۾ ڀيرو ڀرجو ته ڪچهرا ڪبا , ان مهل سچ ته ڏاڍي خوشي ٿي , ايئن وري ذهن ۾ خالي مزار جو مصنف سانول جمالي ياد آيو کيس ڪال ڪيم سو اچي مرڪي ڀاڪر پائي مليو ۽ پنهنجي ڪتاب بابت چيائين ته پڙهيو اٿي يا نه , جواب ۾ کيس چيم ته مون منجھ ڪتاب خريد ڪرڻ جي طاقت ناهي پر جي ڪٿان ملي ويو ته پڙهندو آهيان ائين سانول چيو ته مون کي پروگرام جي تياري ڪرڻي آهي سو وري ڀاڪر پائي مرڪي موڪلائي هليو ويو ۽ چميء جي خواهش اڻپوري رهجي وئي .
سانول کان موڪلائي وري مختلف ڪتابن کي هٿ ۾ کڻڻ کان بغير ڏسندو ۽ سوچيندو ٿي ويس ته ڪيترا نه ڳرا خرچ ڪري اديبن ۽ شاعرن ڪتاب ڇپرايا آهن ۽ اسان وٽ ته گهر ۾ اٽي جي قلت ٿي هلي , اتي ئي اتفاق سان ننڍي قد وارو وڏو ماڻهو سائين ناز سنائي ملي ويو سلام ڪري تعارف ڪرايم پر کيس سلام هجيس جو سڃاڻي ويو پڇيائين نوڪري هلي ٿي يا نه , سائين سان هڪ ڀيرو گاڏي کاتو حيدرآباد ۾ ملڻ ٿيو هو جڏهن 1990 يا 1991 ۾ سپاهي هيس , اتي سيلفي بعد موڪلائي اڳتي وڌيس ته ڀلوڙ ڪالم نگار ۽ منفرد ماڻهو ( خاڪا ) جو خالق ذلفي چاچر ۽ بهار فائونڊيشن جو سائين سچل وڌو پڻ مليا , سچل سائين چيو ته ڪڏهن اچو ته ڪو ميلو مچائجي کيس انشاء الله چيم ۽ موڪلائي اڳتي وڌيس .
گهر کان به ڪال پئي آئي ته جلدي اچ سڪ لڳي آهي سو سوچيم ته واقعي به گهر سوير ڀرو هلجي ڇو ته جهٽ کان بعد شاعرن جي مشاعري جو وقت ٿيندو ۽ جي اهو مشاعرو ٻڌبو ته ايئن لڳندو ڄڻ ته ڪنهن جو قتل ڪيو ويو هجي ۽ لاش روڊ تي پيو هجي پر سوال اهو آهي ته ان لاش کي دفن ڪير ڪري جيئن سرڪاري ادارا خاص ڪري حدبندين تحت غريبن جي حق تي ڌاڙو هڻندا آهن ۽ غريبن جي واهر ڪير به ناهي ڪندو ڇو ته
ادبي ميلو
مختلف پبلشرن طرفان
مختلف صنفن تي
ڪتابن جا اسٽال
اديبن جا لامارا
ڪتاب جي قيمت
ڀڻ ڀڻ
ڏاڍو مهانگو آهي
اسٽال بعد اسٽال
ها هي سستڙو آهي
هي وٺجي
پڪو ارادو ڪيائين
ان مهل موبائل جي گهنٽي وڳي
هيلو بابا ڪٿي آهين
ميلي تي آيو هان پٽ
بابا بک لڳي آهي
جلدي اٽو وٺي اچو
ارادو تبديل
ڪتاب بدلي اٽو ورتائين
بکايل ٻارن جي مکڙي تي خوشي
دل ۾ چيائين
بک جي باه ادب سان نه
مانيء سان اجهامندي آهي .
هلندي هلندر هڪ شڪايت ته آچر 05 مارچ 2023 جي SLF ڪراچيءَ ۾ نوجوان شاعر احمد شاڪر جي صدارت ۾ ٿيل مشاعري ۾ شريڪ نوجوان شاعرن سانول جمالي ، سرفراز جتوئي ، قربان مهر ، ناشاد رضوان ، گلزار ھاليپوٽي ، حافظ يوسف رند ، مٺو سانگھڙائي ، عاقل ڪلھوڙي ، اسد بروھي ، جاويد جبار ، ساگر مشتاق ، فواد ڪلوڙ ، منور ھاليپوٽي ، جهانگير ڏاھري ، امجد مڱڻهار ، شتاب زرداري ، اشرف پلي ۽ خود احمد شاڪر جن شرڪت ڪئي پر جيڪڏهن ان لسٽ ۾ مهر فقير کي به شامل ڪري دعوت ڏني وڃي ها ته ڪهڙو آسمان ۾ ڏار پون ها يا ڪو زلزلو اچي ها بس مهر فقير به اندر جو اوٻر ڪڍي ها ڪو سچ چوي ها ۽ ميڊيا تي ڇانئجي ڪري مشهوري ماڻي ها پر افسوس جو هتي ناني ويڙها ۽ ڏاڏي ويڙها کي ڇڏي ٻيا سڀ ويڙها ويران ڪيا ويا آهن , پر مهر فقير پنهنجو ويڙهو آباد رکڻ ڄاڻين ٿو .
صبح جي کاڌي تي هيس ڏاڍي بک لڳي هئي , اتي لڳل کاڌي پيتي جي اسٽالن تان ڪجھ وٺي کائڻ جيتري کيسي ۾ طاقت نه هئي ۽ نه ئي وري ادب جون صنفون ڪي ست رشي طعام هيا جو کائي ڪري اوڳرايون ۽ ٽاڏيون ڏجن ها ان ڪري واپس ورڻ جي ڪيم ۽ سڌو گهر اچي گهر واريء ۽ ڌيء کي ماني جو چيم , ماني کائي سڪون سان آرام ڪيم ڇو ته مون ڪيترن شاعرن , اديبن ۽ فنڪارن کي پڇاڙيء ۾ مفلسيء واري زندگي گهاريندي ۽ مدد لاء اپيلون ڪندي ڏٺو اٿم , ڇو ته سچ اهو آهي ته شاعري ادب اناج يا روح جي غذا نه پر نفس جي غلامي ۽ نالي جي مشهوري آهي .

پهنجو تبصرو موڪليو