هالاڻي مان کنڀيل ٽن ڄڻن مان هڪ سکر پوليس هٿان فل فراءِ

سکر (بيورو رپورٽ) هالاڻي مان 2 ڏينهن اڳ پوليس هٿان کنڀيل ٽن مان هڪ ڳوٺاڻو سکر پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويو آھي، رات دير سان سکر پوليس جي مبينا مقابلي ۾ ڏوهاري ڄاڻائي ماريل جي هالاڻي مان کنڀيل لياقت رند طور سڃاڻپ ٿي آهي. اطلاع تي لياقت رند جا وارث لاش وصول ڪرڻ لاءِ سکر پهچي ويا آهن. هالاڻي پوليس 2 ڏينهن اڳ مبينا طور لياقت رند، سندس پُٽ اياز رند ۽ سندن پنجاب مان آيل مهمان کي کنڀي وئي هئي، رند برادري جي ڌُر طرفان ڳوٺاڻن کي کنڀڻ خلاف عورتن ۽ ٻارن سوڌو ڌرڻو به هنيو ويو هو، وارثن جو چوڻ آهي ته هالاڻي پوليس پيءُ پُٽ ۽ مهمانن کي کنڀڻ بعد سکر پوليس حوالي ڪيو، سکر پوليس ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي لياقت رند کي ماري ڇڏيو، پوليس مقابلي کان اڳ لياقت سان سندن ڳالهه ٻولهه به ڪرائي هئي، پوليس هٿان کنڀيل اياز رند ۽ اياز پنجابي به مقابلي ۾ مارجڻ جو خدشو آهي. هنن چيف جسٽس کي اپيل ڪئي ته هو عدالت کان مٿانهين قتل جو نوٽيس وٺي ذميوارن کي سزا ڏني وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو