هاءِ ڪورٽ پاران 2 پوليس آفيسرن جي بدلين جا نوٽيفڪيشن معطل

ڪراچي(شهزادو مستوئي) سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻن پوليس آفيسرن خادم رند ۽ ڊاڪٽر رضوان جي بدلين جا نوٽيفڪيشن معطل ڪندي سنڌ حڪومت کان جواب طلب ڪري ورتو آهي. جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس آغا فيصل تي مشتمل ڊويزن بينچ اهڙو حڪم سومر تي سول سوسائٽي جي نمائندي جبران ناصر جي درخواست جاري ڪيو. سندس وڪيل فيصل صديقي چيو ته آءِ جي پوليس جيڪو مجاز آهي بدلين جو اهو ٿو چوي ته سندس مشوري کانسواءِ حڪم جاري ڪيو ويو آهي ۽ هنکي ميڊيا ذريعي پتو پيو آهي. عدالت 24 ڊسمبر تي سنڌ حڪومت کان جواب طلب ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو