نيوزيلينڊ پاران ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو،انگلينڊ جي بيٽنگ جاري

دبئي(ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو اڄ پهريون سيمي فائنل نوزيلينڊ ۽ انگلينڊ ۾ کيڏيو پيو وڃي. ڪانٽيدار مقابلو ٿيڻ جي اميد آهي. نيوزيلينڊ ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو ۽ انگلينڊ جي بيٽنگ جاري آهي. انگلينڊ جو اوپننگ بيٽسمين جيسن راءِ پير م ڌڪ لڳڻ سبب زخمي آهي اڄوڪي ميچ نه کيڏي سگهندو. سندس جاءِ تي جيمس ونز کيڏندو پر اهو واضح ناهي ته جوز بٽلر سان اننگ اوپن ڪير ڪندو. اهڙي طرح نيوزيلينڊ جو لوڪي فرگوسن زخمي هئڻ سبب ميچ نه کيڏندو ۽ هڪ فاسٽ بالر جي ڪمي کين محسوس ٿيندي. دبئي جي شيخ زيد اسٽيڊيم ۾ گذريل 6 ميچن مان 3 اڳ ۾ بيٽنگ ڪرڻ وارين ۽ 3 ميچ چيز ڪرڻ وارين ٽيمن کٽيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو