نيب ترميمي آرڊيننس ۽ صحافين جي تحفظ سميت 7 بل منظور

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)قومي اسيمبلي نيب جي موجوده چيئرمين ۽ پراسيڪيوٽر جنرل جي مدي ۾ واڌ واري قومي احتساب آرڊيننس ۾ ترميم جي بل سميت 7 بل منظور ڪري ورتا آهن. انهن بلن مان هڪ بل صحافين جي تحفظ سان لاڳاپيل آهي.  تازو نافذ ٿيل قومي احتساب آرڊيننس (پهرين، ٻي، ٽين ترميم) کي به بل جي صورت ۾ پيش ڪيو ويو، جيڪو اپوزيشن جي مخالفت باوجود پاس ڪيو ويو. ٻيا پنج بل ڪم جي جڳه تي عورتن جي تحفظ، نيشنل ڪميشن فار دي رائيٽس آف چائلڊ، نوجوانن جي انصاف واري نظام ۾ ترميمن ۽ فوجداري قانون سان لاڳاپيل آهن. اجلاس دوران حڪومتي ميمبرن جي گهٽ حاضري کي نظر ۾ رکندي اپوزيشن پاران ٻه ڀيرا ڪورم جي نشاندهي ڪئي وئي. مخالف ڌر پاران اجلاس ملتوي ڪرڻ جي ٻنهي ڪوششن کي حڪومتي بينچ ناڪام بڻائي ڇڏيو ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري حڪومتي ميمبرن کي ڪورم پورو ڪرڻ جو اضافي وقت ڏيڻ جو نئون مثال قائم ڪيو. ڊپٽي اسپيڪر حڪومتي ميمبرن کي ڪورم پورو ڪرڻ لاءِ هڪ ڪلاڪ جو وقت ڏنو، ڪورم پورو ڪرڻ لاءِ اسيمبلي جي 86 ميمبرن جي موجودگي ضروري آهي. اپوزيشن ميمبر ڪورم پورو نه ٿيڻ تي ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويا، ڊپٽي اسپيڪر ڪارروائي ملتوي نه ڪئي ۽ ڳڻپ جو حڪم ڏنو، جيڪو هڪ ڪلاڪ تائين جاري رهيو. انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري 5 بل ايوان ۾ پيش ڪيا جڏهن ته قانون واري وفاقي وزير ۽ گهرو وزير طرفان پارلياماني سيڪريٽري گهرو معاملن جو هڪ هڪ بل پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو. شيرين مزار پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروفيشنلز بل 2021، پروٽيڪشن اگينسٽ هيراسمينٽ آف وومين ايٽ ورڪ پليسز بل 2021، نيشنل ڪميشن آن رائيٽس آف چائلڊ (ترميمي) بل 2021، جووينائل جسٽس سسٽم (ترميمي) بل 2021ع ۽ اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري چائلڊ پروٽيڪشن (ترميمي) بل 2021 پيش ڪيو ويو. پيش ڪيل ٻيا بل ڪرمنل لاز (ترميمي) بل 2021 ۽ قومي احتساب (ترميمي) بل 2021 هئا. ياد رهي ته صحافين جي  تحفط جي اوٽ م سوشل ميڊيا ۽ صحافين تي پابندين جي مجوزه بل خلاف ملڪ ڀر ۾ صحافين جي تنظيمن وڏو احتجاج ڪيو هو ان ۾ ڳرا ڏنڊ ۽ ڊگهي قيد جون سزائون تجويز ڪيل هيون. رات جي اوندهه ۾ منظور ڪيل بلن جون ڪاپيون بهصحافين کي نه ڏنيون ويون.

پهنجو تبصرو موڪليو