نوشين جي هم ڪلاسين ۽ اسٽاف جا بيان قلمبند، اهم انڪشاف

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ)پوليس نوشين ڪاظمي ڪيس ۾ 20 کان مٿي شاگردياڻين جا بيان قلمبند ڪيا آهن. جن مان هڪ به ڇوڪري نوشين سان دوستي نه هجڻ جو اعتراف ڪيو آهي. ايس ايس پي لاڙڪاڻو موجب نوشين جو مليل فون فارنزڪ چڪاس لاءِ موڪليو ويو آهي. هڪ کان وڌيڪ سمون استعمال ٿيل آهن. شاگردياڻي هاسٽل جي ڪمري اندر به ڪنات هڻي روم ميٽ کان الڳ رهندي هئي. ايس ايس پي موجب ميڊيڪل ڪاليج ۾ نوشين جي استادن ۽ ڪلاس فيلوز جا به بيان رڪارڊ ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو