نوشين جو مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي، هي خودڪشي نه قتل آهي، والد

دادو(رپورٽ عزيز الله خاصخيلي)چانڊڪا ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ مبينا ڦاهوکاڌل چوٿين سال جي شاگردياڻي ڊاڪٽر سيده نوشين شاھ ڪاظمي جولاڙڪاڻو جي اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم بعد سندس مڙهه دادو ۾ جنازي نماز بعد سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. ڊاڪٽر نوشين جو تڏو درگاهه سيد جهنگل شاهه جي احاطي ۾ وڇايو ويو آهي ،ان موقعي تي وڏي انگ ۾ شهري ۽ سندس خاندان جا ڀاتين تڏي تي شرڪت ڪئي ،نوشين شاهه ڪاظمي جو مڙهه جڏهن سندس جي گهر مان کنيو ويو ته هر اک آلي هئي ڊاڪٽر نوشين شاهه ڪاظمي جي جنازي نماز ۽ تدفين دادو شهر جي پير محمد مراد قبرستان ۾ ادا ڪئي وئي، جنازي نماز فقهه جعفريه مطابق ادا ڪئي وئي علامه محمد باقر نجفي نماز جنازه پڙهائي ۽ دعاءِ مغفرت پڻ  گهري وئي جڏهن ته دادو جي چونڊيل نمائندن ۽ ضلع دادو جي انتظاميه مان ڪو به عملدار جنازي نماز ۾ شريڪ نه ٿيو. جڏهن ته ڊاڪٽر نوشين شاهه ڪاظمي جي والد سوشل ويلفيئر کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر سيد ھدايت علي شاهه نينگري جي موت بابت چيو ته منھنجي ڌيءَ 18,18 ڪلاڪ پڙھندي ھئي ۽ گڏوگڏ نماز بہ پابندي سان پڙھندي ھئي، هوءَ پنهنجي ڪمري ۾ روم ميٽ کان به پردو ڪندي هئي ۽ قنات هڻي هجري ۾ رهندي هئي. ھن چيو منھنجي نياڻي جي ڪلاس ميٽ ڇوڪري جيڪا ھن جي روم مان 5 بجي نڪري وئي ھئي ان کي ۽ ان سان گڏ سڪيورٽي وارن کي بہ جانچ ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ ان واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي،ھن چيو ته ان واقعي کان پوءِ سنڌ جي نياڻين جو تعليمي ادارن تان اعتماد کڄي ويو آهي باقي ميڊيڪل رپورٽون اچڻ کان اڳ ڪو به حتمي فيصلو نه ٿا ڪري سگھون. خود ڪشي بابت رپورٽ رد ڪريون ٿا، هي قتل آهي ان جي تهه تائين وينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو