نور مقدم قتل ڪيس جي جوابدار کي عدالت جي وارننگ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سيشن جج جي عدالت نور مقدام قتل ڪيس جي بنيادي جوابدار ظهير جعفر کي لکت ۾ حڪم جاري ڪندي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن هن پنهنجون ڌمڪيون جاري رکيون ته سندس عدالت ۾ پيش ٿيڻ تي پابندي لاڳو ڪئي ويندي. چنچر ڏينهن ڪيس جي ٻڌڻي دوران بدتميزي ڪرڻ تي جج لکت ۾ اهڙو حڪم جاري ڪيو آهي. آرڊر ۾ چيو ويو آهي ته ”ظهير ذاڪر عدالت ۾ بدتميزي ڪئي ۽ ڪارروائي ۾ مداخلت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، کيس هدايت ڪئي وئي آهي ته هو پنهنجو رويو تبديل ڪري، ٻي صورت ۾ سندس حاضري تي کيس پيس نه ڪيو ويندو ۽ جيل مان وڊيو لنڪ تي ورتو ويندو. انسپيڪٽر مصطفيٰ ڪياني عدالت جي احاطي ۾ سيڪيورٽي تي مقرر پوليس اهلڪارن سان ظهير جي رويي بابت رپورٽ پڻ جمع ڪرائي هئي. نور قتل ڪيس جي 3 نومبر (اربع) تي ٻڌڻي دوران ظهير عدالت ڪارروائي ۾ خلل وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ايڊيشنل سيشن جج عطا رباني سان بدتميزي ڪندي چيو هو ته ”هيءَ عدالت مٽيءَ کان سواءِ ڪجهه به ناهي، هيءَ عدالت ڇڪي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته هنن وٽ طاقت ناهي، مون ان کان وڌيڪ ڪوڙي شيءِ ڪڏهن به نه ڏٺي آهي. ”مان توهان کي موقعو ڏيان ٿو ته مون کي ڦاسي ڏيو پر پوءِ به توهان ماڻهو ان کي ڇڪي رهيا آهيو، اهو سڀ ڪجهه پپٽ شو آهي مون پنهنجي سڄي زندگي ۾ ان کان وڌيڪ نااهل ماڻهو ڪنهن ڪمري ۾ نه ڏٺا آهن،“ جنهن بعد عدالت پوليس اهلڪارن کي کيس کڻي وڃڻ جو حڪم ڏنو هو، ملزم پوليس سان بدميزي ڪئي ته پوليس وارا کيس ٽنگو ٽالي ڪري کڻي ويا هئا. جج رباني چيو ته هو جوابدار کي توهين جو نوٽيس جاري نه ڪندو پر جيل ۾ ٽرائل شروع ڪندو. عدالت استغاثه کي هدايت ڪئي ته باقي شاهدن کي 10 نومبر (اربع) تي پيش ڪيو وڃي. انسپيڪٽر ڪياني بعد ۾ مارگلا پوليس اسٽيشن ۾ ظهير خلاف پاڪستان پينل ڪوڊ جي سيڪشن 353/186 (رياست جي ڪم ۾ مداخلت) ۽ 325 (خودڪشي جي ڪوشش) تحت ڪيس پڻ داخل ڪيو هو.ياد رهي ته 27 سالن جي نور مقدم جيڪا سندس پاڙيسري ۽ ننڍي هوندي جي دوست هئي تنهن جي شادي کان انڪار تي سندس گردن ڪپي 20 جولاءِ تي اسلام آباد جي سيڪٽر ايف 7/4 ۾ هڪ گهر ۾ قتل ڪيوهو.

پهنجو تبصرو موڪليو