نواز شريف، مريم، جنيد ۽ حسين نواز يورپي ملڪ گهمڻ هليا ويا

لنڊن (ويب ڊيسڪ) اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف، مريم نواز، جنيد صفدر ۽ حسين نواز لنڊن کان مختلف ملڪ گهمڻ هليا ويا.ذريعن موجب ايندڙ 10 ڏينهن ۾ نواز شريف ۽ سندس فيملي 5 يورپي ملڪن جو دورو ڪندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف جي فيملي گذريل رات هڪ يورپي ملڪ پهتي آهي.واضح رهي ته مريم نواز به ڪيترن ئي ڏينهن کان لنڊن ۾ موجود آهي ۽ پيءَ سان گڏ وقت گذاري رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو