نواب ولي محمد زمين معاملو، جرڳي پاران فيصلو محفوظ

نواب شاھ(رپورٽ اي ڪي ڏاهري) نواب ولي محمد جي ڪچي واري علائقي ديھ ٻنڀائي جي مختلف برادرين ڪلهوڙا، ڪليار، سيد، ملاح، سنگراھ ڀنڊ برادري جي زمينن تي قبضي خلاف متاثر ڳوٺاڻن ۽ زرداري برادري جي ڌر وچ ۾ سرڪٽ هائوس نواب شاهه ۾ فيصلن جي امير مير منظور خان پنهور جي سرپئنچي هيٺ فيصلوٿيو. فيصلي ۾ ايس يو پي اڳواڻ سيد زين شاھ، روشن ٻرڙو، جيئي سنڌ محاذ جو چيئرمين رياض چانڊيو، حاجي حسن ڀنڊ، سردار اسماعيل ڏاهري، پ پ ضلعي صدر علي اڪبر جمالي، غلام شاهه لغاري، سالم زرداري، ميهان خان رند، علي نواز چانڊيو، عبداللطيف ڪلوئي،  عبدالنبي جمالي ڏاڏو عثمان ٻگهيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. جڏهن ته سرڪٽ هائوس ڏانهن ويندڙ رستا رڪاوٽون وجهي سيل ڪيا ويا. سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا لسٽ ۾ جن جا نالا هئا انهن کي ڇڏيو ويوباقي ماڻهن کي واپس موٽايو ويو.

زرداري برادري جي ڌر محسن خان زرداري ۽ عابد خان  زرداري جا امين سردار اسماعيل ڏاهري، سالم زرداري، مينھان خان رند هئا جڏهن ته متاثر ڳوٺاڻن جا امين ايس يو پي اڳواڻ سيد زين شاھ، جيئي سنڌ محاذ جو چيئرمين رياض چانڊيو، حاجي حسن ڀنڊ هئا ٻنهي ڌرين جون ڳالهيون ٻڌي فتوي جاري ڪئي وئي آهي ٻئي ڌريون هڪ هڪ مشير ڏيندا هڪ مشير مير منظور پنهور جو هوندو ٽئي مشير زمينن جو ٻنهي ڌرين وٽ موجوده روينيو رڪارڊ ويري فاءِ ڪرائيندا جنهن کان پوءِ 15 ڏينهن ۾ فتويٰ جاري ڪئي ويندي جڏهن ته زمين تي ٻئي ڌريون نه وينديون زمين تي پوليس ويٺل رهندي ۽ مختيار ڪار قاضي احمد عبدالشڪور سولنگي پنهنجي نگراني ۾ زمينن تي پوکيل فصلن کي پاڻي ڏياريندو ۽ سار سنڀال لهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو