نالا متاثرن لاءِ 10 ارب رپين ۾ 6500 گهر تعمير ڪرڻ جي منظوري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ صوبائي ڪابينا جي اجلاس ۾ ملير ڊولپمينٽ جي ٽن گندي نالن جي متاثرن کي آباد ڪرڻ لاءِ 248 ايڪڙ زمين تي 6500 هائوسنگ يونٽ ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو صوبائي حڪومت کي واضح طور تي ٽن اهم گجر، محمود آباد ۽ اورنگي نالن جي متاثرن کي آباد ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته هن 248 ايڪڙ زمين جي ڊيولپمينٽ لاءِ هڪ ارب رپيا اڳ ئي مختص ڪيا آهن جيڪا ايم ڊي اي لوڪل گورنمينٽ جي حوالي ڪري ڇڏي آهي. خميس ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص مددگارن، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت ۽ ٻين شرڪت ڪئي. مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر شاهه ٻه تجويزون پيش ڪيون جن ۾ چيو ويو ته ٽنهي نالن جي متاثرن کي 80 اسڪوائر گز جا پلاٽ ڏنا وڃن ۽ انهن جي تعمير لاءِ مناسب رقم ڏني وڃي يا انهن گهرن جي تعمير جي ذميواري بلديات کاتي کي ڏني وڃي. ناصر شاهه چيو ته ايم ڊي اي پاران 248 ايڪڙ زمين اڳ ۾ ئي لوڪل گورنمينٽ کاتي حوالي ڪئي وئي آهي ۽ سنڌ جي وڏي وزير پاران منظور ڪيل هڪ ارب رپيا ترقياتي ڪمن لاءِ لوڪل گورنمينٽ وٽ آهن. هن وڌيڪ چيو ته سندس کاتو پلاٽن کي متاثرن حوالي ڪرڻ يا گهر تعمير ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ڪابينا ان معاملي تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ۽ اڪثر ميمبرن چيئرمين بلاول ڀٽو جي هدايت تي متاثرن لاءِ 6500 هائوسنگ يونٽن جي تعمير جي حمايت ڪئي. سڌ سماءَ واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته متاثر ماڻهن کي پلاٽن جي الاٽمينٽ سان انهن علائقن ۾ رئيل اسٽيٽ بزنس جون سرگرميون شروع ٿي وينديون تنهنڪري تجربيڪار ۽ ناليواري فرم کان گهر ٺهرايا وڃن ته جيئن کين سٺا گهر تيار ٿي سگهن. سنڌ جي وڏي وزير پنهنجي قانوني صلاحڪار مرتضيٰ وهاب ۽ ايڊووڪيٽ جنرل کي هدايت ڪئي ته بحريا ٽائون لاءِ رقم جاري ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪيو وڃي ته جيئن ڪم جي رفتار کي حتمي شڪل ڏني وڃي. بلديات کاتي ان منصوبي کي حتمي شڪل ڏئي کين يوٽيلٽي سروسز فراهم ڪري. هڪ سوال جي جواب ۾ مڪاني ادارن واري وزير ناصر شاهه ڪابينا کي ٻڌايو ته متاثرن کي 15 هزار رپيا ماهوار مسواڙ طور ڏنو پيو وڃي جيڪا صوبائي حڪومت مثالي ڪاميابي آهي. هن ڪابينا کي ٻڌايو ته هن منصوبي تي لڳ ڀڳ 10 ارب رپيا لاڳت ايندي جڏهن ته ان جو پي سي ون سنڌ جي وڏي وزير منظور ڪيو آهي. ٻوڏ سٽيلن لاءِ گهرن جي فراهمي: روينيو واري صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان ڪابينا کي ٻڌايو ته تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب تباهه ٿيل گهر سرڪاري زمين تي ٺاهيا ويا آهن. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي وڏي وزير جي هدايت تي بورڊ آف روينيو تجويز ڏني آهي ته تباهه ٿيل گهرن جي زمين کي ڳوٺ آباد اسڪيم، ڳوٺ آباد هائوسنگ پروگرام، ريگيولرائيز آف دي ويليج پروگرام، ڪچي آبادي ايڪٽ تحت ريگولرائز ڪري سگهجي ٿي. ڪابينا فيصلو ڪيو ته گهرن کي انهن جي ڪيٽيگري موجب ريگيولر ڪيو وڃي ته جيئن پيپلز هائوسنگ پروگرام تحت گهرن جي تعمير لاءِ رقم ڏني وڃي. سنڌ جي وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته هو لاڳاپيل ڊي سيز کي حڪم جاري ڪري ته اهي پلاٽ جلد کان جلد ريگيولر ڪن ته جيئن متاثر ماڻهن کي فائدو پهچي سگهي. بجيٽ مينوئل: ناڻي کاتي پاران بجيٽ مينوئل مئنيجمينٽ (بي ايم) متعارف ڪرايو ويو. سنڌ جي وڏي وزير ڪابينا کي بريفنگ ڏيندي چيو ته بجيٽ ٺاهڻ حڪومت جي اهم ڪمن مان هڪ آهي جنهن ۾ ايندڙ مالي سال لاءِ امڪاني خرچ ۽ روينيو جو تعين ڪيو ويندو آهي. انهن معاملن کي منظم ڪرڻ لاءِ 1955ع ۾ هڪ بجيٽ مينول جاري ڪيو ويو. بهرحال، ان وقت کان وٺي عوامي مالياتي انتظام تحت خاص طور تي سرڪاري شعبي ۾ بجيٽ جي اصولن، طريقن ۽ قسمن ۾ ڪيتريون ئي ترقيون ٿيون آهن. ان ڏس ۾ بجيٽ مينوئل کي ترقي، بهتري، معيار ۽ اپڊيٽ ڪرڻ ضروري سمجهيو ويو جيڪو بنيادي طور تي جديد پبلڪ فنانشل مئنيجمينٽ (PFM) جي مختلف طريقن کي ڳنڍي ٿو جنهن ۾ نئين بجيٽنگ ٽيڪنڪ به شامل آهي.. ڪابينا قانون جي منظوري ڏئي ڇڏي. انويسٽيگيشن الائونس: ڪابينا پوليس جي جاچ آفيسرن لاءِ اسپيشل انويسٽيگيشن الائونس (ايس آءِ اي) متعارف ڪرائڻ جي تجويز تي غور ڪيو ته جيئن مقدمن جي مناسب جاچ ٿي سگهي، خاص طور تي وڏن ڏوهن جي ڪيسن ۾ ۽ جوابدارن جي ترت ڪارروائي ڪري سگهجي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ايس آءِ اي کي اي ايس آءِ کان اي آءِ جي تائين جي عهدن جي سفارش ڪئي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ان الائونس جا مثال ٻين تحقيقاتي ادارن جهڙوڪ نيب ۽ اي سي اي سنڌ ۾ مليا آهن. اها نشاندهي ڪئي وئي ته هڪ IO سراسري طور تي هڪ سال ۾ 57 ڏوهن جي ڪيسن جي انويسٽيگيشن ڪئي. بلوچستان حڪومت (سي آءِ ڊي) 40 سيڪڙو اسپيشل الائونس 2011 ۾ گھٽ ۾ گھٽ پگهار تي 6000 رپيا ماهوار جي حد سان ڏئي ٿي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت پوليس جي جاچ واري عمل کي بهتر ڪرڻ لاءِ ٻين صوبن جي اڳواڻي ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي ۽ اسان جي آءِ جي پوليس 1.979 ارب رپين کان 2.519 ارب رپين جي مطالبي تي ڪم ڪيو. ڪابينا جاچ آفيسرن کي 2022ع جي شروعاتي پگهار تي اسپيشل انويسٽيگيشن الائونس ڏيڻ جي منظوري ڏني. ان جو مالي اثر لڳ ڀڳ 442.471 ملين رپيا ٿيندو، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته هڪ سرٽيفڪيشن ڪورس متعارف ڪرايو ويندو ۽ اهو الائونس صرف تصديق ٿيل جاچ آفيسرن کي ڏنو ويندو. ايس ايس پي انويسٽيگيشن هڪ مهيني اندر جاچ مڪمل نه ڪرڻ وارن آءِ اوز جا نالا ڪڍي ڇڏيندو. الائونس معطل ٿيندڙ آفيسرن لاءِ نه هوندو ۽ نه ئي ڪنهن به ڊسيپلينري ايڪشن يا خراب ڪارڪردگيءَ سبب SGA&CD ۽ CPO يا پوليس لائنز کي رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪندڙن لاءِ هوندو. ٽيچنگ لائسنس: تعليم واري وزير سيد سردار شاهه ڪابينا کي ٽيچنگ لائسنس پاليسي بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته شاگردن جي سکيا کي بهتر بڻائڻ ضروري آهي. هن وڌيڪ چيو ته TIMSS (TRENDS IN INTERNATIONAL MATHEMATICS AND SCIENCE STUDIES) ۾ پاڪستان 64 ملڪن مان 63 نمبر تي آهي. سردار شاهه چيو ته اها پاليسي باصلاحيت نوجوانن کي درس و تدريس ڏانهن ڇڪيندي ته جيئن تدريسي پيشي کي هٿي ملي سگهي. هن چيو ته ڪيترائي اميدوار اڳئين ٽيچنگ ڀرتي واري ٽيسٽ ۾ ڪواليفائي نه ڪري سگهيا هئا. هن چيو ته سمورن پروفيسرن وٽ ڊاڪٽر، نرس، وڪيل، انجنيئر وغيره وٽ اهڙا لائسنس آهن جيڪي پيشوراڻي ذميواري کي يقيني بڻائين ٿا. تعليم واري وزير چيو ته لائسنس ٽن ڪيٽيگريز ۾ پيش ڪيا ويندا – پرائمري، ايليمينٽري اينڊ سيڪنڊري ۽ لائسنس انهن کي پيش ڪيا ويندا جيڪي لاڳاپيل ڊگريون جهڙوڪ ADE يا B.ED. يا ان جي برابر قابليت ۽ ٽن سالن جو تجربو رکندڙ سروس استادن لاءِ اختياري ھوندا. درخواست گذارين کي ٽين ڌر تحت وتل ٽيسٽن کي پاس ڪرڻو پوندو. ٽيچنگ لائسنس جي تجديد پنجن سالن کانپوءِ ڪئي ويندي، بهتر ڪارڪردگيءَ لاءِ اسٽيڊا جي ذيلي ڪميٽي ٽيچنگ لائسنس جي حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪندي. ڪميٽي ناليوارن تعليمي ماهرن تي ٻڌل هوندي. لائسنگ سسٽم کي اليڪٽرانڪ ڊيٽابيس ذريعي مختلف تعليمي ڊيٽابيس ۽ نادرا سان ڳنڍيو ويندو. ڪابينا تدريسي پاليسي جي منظوري ڏيندي تعليم کاتي کي هدايت ڪئي ته اي ايس ٽي جي 700 خالي پوسٽن تي BS-16 استادن جي ڀرتي کي يقيني بڻايو وڃي. پاور پلانٽ لاءِ زمين جي الاٽمينٽ: توانائي واري وزير امتياز شيخ ڪابينا کي ٻڌايو ته ميسرز اينگرو لميٽيڊ ٺٽي ضلعي ۾ موجود 6761 ايڪڙ زمين 400 ميگاواٽ هائبرڊ ونڊ سولر پاور پراجيڪٽ جي لڳائڻ لاءِ الاٽ ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي. بورڊ آف روينيو، ڊي سي ٺٽي جي معرفت زمين جي نشاندهي ڪئي آهي ۽ قيمت 570,000 رپيا في ايڪڙ 30 سالن جي ليز تي مقرر ڪئي آهي. ڪابينا ان تجويز جي منظوري ڏني ۽ سنڌ جي وڏي وزير بي او آر ۽ توانائي کاتي کي هدايت ڪئي ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته ان دوران ڪوبه ڳوٺ قائم نه ڪيو وڃي. سبسڊي جي مدي ۾ واڌ: توانائي واري وزير امتياز شيخ سنڌ ڪيپٽيو پاور پلانٽس سبسڊي ايڪٽ 2017 تحت سبسڊي جي مدت ۾ واڌ ۽ ٽيرف جي فرق ۾ نان گيس ڪمٽڊ ادائيگين جي وضاحت لاءِ ڪابينا ۾ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي. امتياز شيخ چيو ته سنڌ حڪومت پاران 9 آگسٽ 2017ع تي سنڌ نيو ڪيپٽيو پاور پلانٽس سبسڊي ايڪٽ لاڳو ڪيو ويو آهي. ايڪٽ جي روشني ۾ ڪابينا SNCPP سبسڊي رولز جي منظوري ڏني. توانائي واري وزير چيو ته ان ايڪٽ جو مقصد مقامي پاور پروڊيوسرز کي ٽيرف ۾ فرق جي سبسڊي فراهم ڪرڻ آهي ته جيئن صوبي ۾ بجلي جي کوٽ جي شدت کي گهٽائي سگهجي. ايڪٽ 10 سالن لاءِ متعارف ڪرايو ويو جنهن ۾ 7 سالن جي رعايتي مدت سان ڪنهن به اين سي پي پي کي اجازت ڏني وئي هئي. هن وڌيڪ چيو ته اين سي پي پيز مارچ 2015 ۾ سبسڊي جي دعويٰ ڪرڻ شروع ڪئي ۽ 2022 تائين 7 سالن جي رعايتي مدت ختم ٿي وئي آهي. امتياز شيخ چيو ته بجلي جي کوٽ ۽ سيڙپڪارن جي مسئلن کي گهٽائڻ لاءِ پاور پاليسي موجب سبسڊي جو عرصو ستن سالن تائين وڌائڻ جي درخواست تي غور ڪري سگهجي ٿو. ڪابينا تجويز جي منظوري ڏئي ڇڏي.ڪابينا شهيد ذوالفقار علي ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (SZABIST) کي يونيورسٽي طور اپ گريڊ ڪرڻ جي منظوري ڏني. ڪابينا الڪوثر يونيورسٽي ڪراچي جي چارٽر ۽ سنڌ ٽرسٽ (ترميمي) ايڪٽ 2022 جي قاعدن جي منظوري ڏني. ڪابينا خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي فيڪلٽي ميمبرن جي پگهار ۽ پي اسڪيل کي شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل ڪاليج جي برابر ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني.

پهنجو تبصرو موڪليو