ناظم جوکيو ۽ فهميده سيال جي قتل خلاف اسمبلي ۾ ٺهراءَ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ شهيد ناظم جوکيو ۽ فهميده سيال قتل واقعن بابت ٺهراءُ پيش ڪرڻ جي اجازت نه ملڻ تي احتجاج ڪيو ويو، صوبائي وزير مُڪيش ڪمار چاولا ۽ پي ٽي آءِ ايم پي ايز تيز ٿي ويا، اپوزيشن ميمبرز طرفان اسپيڪر جي ڊائيس اڳيان احتجاج ڪيو ويو. ايوان ۾ هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي قاتل قاتل جي نعريبازي ڪئي وئي، پ پ ايم پي اي قاسم سومرو طرفان بندش پيل ٽي ٽي پي سان مبينا ڳالهين واري معاملي تي ٺهراءُ پيش، اپوزيشن طرفان ٺهراءُ جي مخالفت ۾ گوڙ، ايوان ۾ گوڙ بند نه ٿيڻ تي اسپيڪر اجلاس سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو