ناظم جوکيو ڪيس جي نئين جاچ ٽيم بيان قلمبند ڪري ورتا

ملير (ن سنڌيار) شهيد ناظم جوکيو جي قتل واقعي جي جاچ لاءِ جڙيل نئين ٽيم طرفان ڳوٺ آچار سالار پهچي شهيد جي پونيئرن سان ملاقات ڪري معلومات ورتي. ايڊيشنل آءِ جي تنوير عالم اوڍو جي سربراهي ۾ جڙيل ٽيم شهيد ناظم جي گهرواري شيرين جوکيو ۽ ڀاءُ افضل جوکيو جا بيان رڪارڊ ڪيا. مقتول جي سئوٽ عليشان جوکيو ۽ وڪيل مظهر جوڻيجو جا به بيان رڪارڊ ڪيا ويا. جاچ ٽيم جو چوڻ آهي ته شهيد ناظم جي گهرڀاتين سوڌو واقعي جي شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا آهن، شهيد ناظم پرڏيهي شڪارين خلاف جنهن جاءِ تان وڊيو رڪارڊ ڪئي، اُن جاءِ جو به معائنو ڪيو، تصويرون ٺاهيون ۽ خاڪا به ٺاهيا ويا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو