ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ وري جاچ آفيسر تبديل

ملير (ن سنڌيار) شهيد ناظم جوکيو قتل ڪيس جي جاچ آفيسر کي هڪ ڀيرو ٻيهر تبديل ڪيو ويو آهي، جڊيشل مئجسٽريٽ ملير ۾ ڪيس جي نئين جاچ آفيسر جوابدار جي جسماني رمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي واڌ جي درخواست داخل ڪرائي آهي. انسپيڪٽر سراج لاشاري عدالت کي ٻڌايو ته ناظم جوکيو قتل ڪيس جي پراڻي جاچ آفيسر مجتبيٰ باجوه کان ڪالهه جاچ واپس وٺي منهنجي حوالي ڪئي وئي آهي. جاچ آفيسر سراج لاشاري عدالت کي ٻڌايو ته مقتول جي پوسٽ مارٽم رپورٽ اڃا تائين نه ملي آهي, ياد رهي ته ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ پ پ جي سنڌ اسيمبلي ميمبر ڄام اويس جوکيو سميت 6 جوابدار گرفتار آهن، جڏهن ته ايم اين اي ڄام عبدالڪريم سميت 4 نامزد جوابدارن جي گرفتاري کان اڳ ضمانت ٿيل آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ ملير ۾ ڄام هائوس ڀرسان پراڻي کوهه مان ناظم جوکيو جو موبائل فون ۽ ڪپڙا مليا هئا، ڪيس جي جاچ آفيسر جو چوڻ هو ته ناظم جوکيو کي ڄام هائوس جي گودام ۾ تشدد ڪري قتل ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو