ناظم جوکيو قتل ڪيس ۽ ڪمپرومائز، ڇا قانون ڪمزور آهي؟

ليکڪ ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ

مون گذريل ڪالم ۾ هڪ جملو لکيو هو ته ”ڏاڍي جي لٺ کي ڏهه مٿا“ هن جملي جي معنيٰ سڀ ڪو سمجهي سگهي ٿو، اها هڪ چوڻي مشهور به آهي، اسان وٽ ڏوهه ڪرڻ گناهه ناهي، خون ڪرڻ ڪنهن کي هٿن، ٻانهن، ڄنگهن ايستائين جو زبانون ڪٽي، منڊو، ٽُنڊو ۽ ڳالهائڻ کان به قاصر ڪري ڇڏڻ ڏوهه ڄڻ ته تصور ئي ناهي ڪيو ويندو، پر هن ڏاڍ واري دور ۾ ڏوهه صرف غريب هجڻ ئي آهي، جنهن چڪيءَ ۾ اڄ بي پهچ ۽ بي سهارا ماڻهو پيسجي رهيا آهن. اسان وٽ هڪ ٻيو فقدان به آهي، جيڪو بي سمجهائي، وائڙائپ، حوصلا شڪني ۽ خوف کي جنم ڏيڻ وغيره. حالانڪه جيڪڏهن انسان اُهو مرد هجي يا عورت اگر پنهنجو حوصلو بلند رکي ته بااثر ڪيتري به طاقت ۽ قوت وارو ڇو نه هجي، فتح هميشه حق جي ٿيندي آهي. نبي سڳورن کان وٺي اوليائين، باضمير ۽ حوصلو رکندڙ انسانن تائين اڄ سوڌو زنده مثال موجود آهن، جن ڪڏهن به ڏاڍ اڳيان ڪنڌ نه جهڪايو. جڏهن هڪ ڀيرو انسان جي عزت لهي وڃي ٿي، ان لاءِ اوهان ۽ اسان ڪيترا به جرڳا ۽ فيصلا ڪريون، جرمانه ته ڪنڌ هيٺ ڪري ڀري سگهون ٿا پر کسيل ۽ ڦريل عزت ڪڏهن به واپس نه ٿا وٺي سگهون. اهڙا هزارين مثال هن زمين تي موجود آهن پر انسان کي فيصلو پنهنجي ضمير مطابق ڪرڻ گهرجي.

سنڌ ڌرتي تي مهمان پکين جي محافظ شهيد ناظم جوکيو جيتوڻيڪ شهيدن ۽ انهن سنڌ جي سپوتن واري لسٽ مان خارج ته نٿو ٿي سگهجي، جن ديده دلير پٽن هن ڌرتي ماءُ لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪري ڇڏيون. اهڙن سچن پٽن جي غيرتمندن ۾ شهيد ناظم جوکيو به هڪ تاريخ جو حصو هوندو، واقعي جي ٽئين ۽ چوٿين ڏينهن تي مون هڪ اخبار توڙي جو سوشل ميڊيا تي اِهي خبرون پڙهيون، جڏهن شهيد ناظم جوکيو جي بيواهه شيرين جوکيو اکين مان آب هاري نه رڳو پنهنجي جيون ساٿي کي ساري رهي هئي پر گڏوگڏ هن جو اِهو به چوڻ هو ته ”منهنجي ڏير مٿان جوابدارن جو وڏو دٻاءُ آهي پر منهنجا حوصلا بلند آهن، آئون ڄام اويس گهرام ۽ ٻين کي ڪڏهن به بخش ڪونه ڪنديس، مون کي انصاف کپي.“ ظاهر ڳالهه آهي ته هڪ بيواهه عورت کي ڪيترا به ٻيا عزيز ۽ رشيدار ڪيترو به سهارو ڇو نه ڏين پر هن کي جيڪو اصل سهارو پنهنجي مڙس جو هجي ٿو سو سهارو ڪٿان به نٿو ملي سگهي. شهيد ناظم جوکيو کي سندس پونيئرن ۾ اولاد به آهي، مون اڳ به اهو واضح ڪيو هو ته شهيد ناظم جوکيو جي قتل کانپوءِ هڪ پاسي پ پ ايم پي اي ڄام اويس گهرام گرفتار به آهي ته وري ٻئي پاسي اندروني طور مقتول جي وارثن کي طرح طرح جا چئلينج به سامهون آهن، گڏوگڏ اِهو افسوس به ٿي رهيو هو ته شهيد جو اڃا شايد ٽيجهو به ڪونه ٿيو هو ته ڀوتارن جو ساهه مُٺ ۾ ائين اچي ويو جو ظاهري طور تي ته ڄام اويس جيل ۾ ته هو پر اڻ سڌي طرح انهن ڀوتارن لاءِ جيلن ۾ سڀ سهولتون توڙي جو ڪڏهن انهن کي اهو محسوس به نه ڪرايو ويندو آهي جو هو ڪنهن جيل ۾ هجن ٿا، گڏوگڏ اڄ انهن سياسي ڀوتارن جي صفن ۾ جيڪا اصل بي چيني ڇانيل آهي، سا اُها سندن خلاف ميڊيا اندر جيڪا واويلا متل آهي ۽ ٻئي پاسي رواجي طور جيئن سياسي ڀوتار اصل مقصد تي پورو لهڻ بدران هڪ ٻئي خلاف ٻڙڌڪ مچائيندا آهن، ڄڻ ته انهن کي اهڙن ناظمن سميت سنڌ جي روزانو ڪُٺل ڪونڌرن جو ڪو وڏو احساس هجي ٿو، مخالف ڌر خاص ڪري هن معاملي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي وارن هر هنڌ وڃي بيان بازي پئي ڪئي، تنهن پاران ئي مقتول جي وارثن کي ڪنهن حد تائين آٿت ڏني پئي وئي ۽ اندروني طور ڄام اويس ۽ ڄام عبدالڪريم جوکيو جا خير خواهه رات ڏينهن مقتول جي وارثن کي لٺ ۽ چٺ به ڏيکاري رهيا هئا، تنهن ڪيل محنت جو نتيجو اِهو وڃي نڪتو جو مقتول جي ڀاءُ افضل جوکيو پنهنجي وڪيل جي غير حاضري ۾ مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ وڃي 164 جو بيان ڏئي ڪيس جو ٻيڙو ئي ٻوڙي ڇڏيو!

افضل جوکيو کي ڇا خبر هوندي ته جڏهن ڪنهن ڪرمنل ڪيس اندر وار برابر به شڪ جي نوعيت پيدا ٿئي ٿي ته ان جو فائدو ڪنهن کي ملڻو آهي. خير هي ته هڪ وڏو ۽ گهرو اِشو آهي، جنهن کي وڪيل ۽ قانوندان ئي سمجهي سگهن ٿا. هن وقت سڄي سنڌ سميت دنيا جي انهن ملڪن ۾ جتي سنڌي رهن ٿا، اُتي شهيد ناظم جوکيو جي واقعي کانپوءِ شهيد کي ڀيٽا ڏني پئي وڃي ته گڏوگڏ مقتول جي وارثن خاص ڪري ڀاءُ افضل جوکيو جيڪو هن ڪيس جو فريادي به آهي، تنهن ڏاڍ اڳيان مجبور ٿي ڄام عبدالڪريم جوکيو جو نالو ڪيس مان خارج ڪرائڻ لاءِ عدالت ۾ بيان ڏنو آهي ته ڀاءُ جي قتل ۾ ڄام عبدالڪريم ملوث ڪونهي ۽ گڏوگڏ ڄام اويس گهرام خلاف دهشتگردي جا قلم ختم ڪرڻ جي به استدعا ڪئي آهي. عدالت اندر جڏهن فريادي کي پيش ڪيو ويو ته سندس اهڙي هاءِ پروفائيل جي پيروي ڪندڙ وڪيل ٽيم جي ڪنهن به فريادي ڌر جي وڪيل کي آگاهه نه ڪيو ويو، ڪيس جي مک پيروي ڪندڙ فرض شناس ايڊووڪيٽ محمد خان شيخ موجب ته ڪنهن ٻئي ڪيس لاءِ جڏهن لاڳاپيل عدالت ۾ پهتس ته فريادي موجود هو ۽ سندن اهڙو بيان ڏئي رهيو هو، افسوس آهي پر شيخ صاحب اوهان کي ڏکارو ٿيڻ نه گهرجي، اسان وٽ سسٽم ئي تبديل آهي، اسان وٽ ماڻهو تڏهن معذور هجن ٿا جڏهن ڪو وارثي نٿو ڪري، گهٽ ۾ گهٽ فريادي ڌُر مٿان اِهو فرض عائد پئي ٿيو ته هو پنهنجي مقرر ڪيل وڪيل سان مشورو ته ضرور ڪري ها، اسين سڀ وڪيل ڪنهن به ڌُر سان دشمني ڪونه ٿا رکون، دشمني ته اصل ۾ انهن ڌرين جي ئي هوندي آهي، جيڪي نه وڙهڻ ۽ دير ڪن ٿا ۽ نه وري ٺهڻ ۾ ڪا دير نٿا ڪن، جيئن افضل جوکيو بغير ڪنهن مشوري ۽ صلاح ڪرڻ جي عدالت ۾ اچي جوابدارن جي وڪيلن سان ملي اهڙو بيان ڏئي نه رڳو پنهنجو ڪنڌ جهڪرايو آهي پر گڏوگڏ انهن لکين سنڌ واسين جي به دل آزاري ڪئي آهي، جيڪي مقتول ناظم جي ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن کي سخت سزا ڏيارڻ لاءِ سراپا احتجاج هُئا.

مون شروعاتي سٽن ۾ لکيو آهي ته ڏاڍي کي ڏهه مٿا ۽ اسين حوصلا شڪني ۽ وائڙائپ جو شڪار آهيون، تاريخ گواهه آهي ۽ اڄ به اسان وٽ زنده مثال موجود آهن، انهن ورقن کي ورائبو ته جڏهن ڏاڍ جي زور تي بااثرن پاران اهڙا واقعا رونما ٿيا آهن تن وقت جي رفتار سان پنهنجا سڀ طاقتور حربا استعمال ڪندي سڀ آواز دٻايا آهن. انهن آوازن ۾ جيڪڏهن آئون انهي بهادر صحافي شاهد سومرو جهن کي سندس گهر اندر موت جي ننڊ سمهاريو ويو يا وري انهي فرض شناس شڪارپور جي بي باڪ صحافي امير بخش بروهي کي صحافتي ذميواريون نڀائڻ جي راهن تان هٽايو ويو جو انهن جي شهادت کانپوءِ خبر ئي نه پئي ته ڪيئن اهي سڀ دردن ۽ سورن ڀريا باب بند ٿي ويا؟ ظاهر ڳالهه آهي ته انهن پٺيان به اهڙن بااثرن جو پريشر ئي موجود هو، جيئن اڄ سنڌ جي نياڻي ام رباب جي ٽن گهرڀاتين جي قتل کانپوءِ فريادڻ کي طرح طرح جا چئلينج سامهون آهن، ايستائين جو ڪجهه هفتا پهريان جڏهن هو بهادر نياڻي ڪيس جي پيروي کانپوءِ واپس گهر وڃي رهي هئي ته بااثر جوابدارن جي حمايتين جي هڪ گاڏي وڃي فريادڻ جي گاڏي سان ٽڪرائجڻ جي ڪوشش ڪري ڪنهن حادثي جو شڪار بنائڻ لاءِ منصوبو به جوڙيو هو، اهڙي ريت پاڻ شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي شهادت کي به نٿا وساري سگهون، جنهن ڪيس ۾ به شروعاتي طور تي ته ڏاڍا حربا استعمال پئي ڪيا ويا پر جڏهن جوابدارن ڏٺو ته ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جا پٽ انهي غيرتمند پيءَ جي نقش قدم تي ئي آهن ته بعد ۾ انهن عدالت اندر اڄ سوڌو ڪيس کي ڊگهو ڪرڻ جون اٽڪلون اختيار ڪيون، جيئن اسان جي عدالتي سسٽم ۾ ڪٿي فريادي ته وري ڪٿي جوابدار ڪندا آهن. اهڙي ريت پاڻ ناظم جوکيو ڪيس هجي يا وري ان جهڙا ٻيا ڪيس هجن، سڄي سنڌ اندر جتي به بااثرن پاران ڏاڍي کي ڏهه مٿا جو زور آزمائي طاقت جو مظاهرو ڪيو آهي ته انهن اهڙن واقعاتي ڪيسن کي ائين ئي دٻايو آهي، باقي جيڪڏهن ڪنهن به ڪيس، خون هجي يا اغوا جي واردات، ان ۾ جيڪڏهن ڪنهن بااثر جو ملوث هجڻ نه هوندو آهي يا وري ڌريون هڪ ٻئي خلاف ائين پئي وڙهنديون آهن، جيئن اڄ سڄي سنڌ قبائلي جهيڙن جي ور چڙهي پئي آهي، ايستائين جو 8 کان 12 خون ڪري هڪ ئي وقت انهن ماڻهن جا لاش کڻايا پيا ويندا آهن پر مجال آهي ڪنهن سياسي ڀوتار جي، جنهن ڪڏهن انهن اهڙن واقعن پٺيان ڌرين کي ٺاهڻ لاءِ ڪا تڪليف ڪئي هجي. اڄ پاڻ وٽ تازا مثال موجود آهن.

اسين سڀ سمجهي سگهون ٿا ته ناظم جوکيو جو قتل هجي يا ميهڙ جي ٽن گهرڀاتين جو واقعو هجي، تن ۾ بااثر ملوث هجڻ ڪري خون لوڙهيا پيا وڃن، ڇو ته انهن ۾ بااثر صاحبزاده نامزد آهن، مون شروعاتي سٽن ۾ عرض ڪيو ته اسان وٽ ڏوهه ڪرڻ گناهه ناهي رهيو پر غريب ۽ امن پسند هجڻ گناهه ٿي ويو آهي، اڄ حزب اقتدار يا حزب اختلاف اصل عوامي خدمت ڪرڻ بدران جڏهن ڪنهن سياسي ڀوتار خلاف ڪا وٺ پڪڙ ٿئي ٿي ته هنگامي پريس ڪانفرنسون ڪوٺائي انصاف جون وڏيون دعوائون ڪيون وينديون آهن پر ساڳئي وقت جڏهن ڪنڌڪوٽ يا ڪڏهن قمبر لاڙڪاڻو يا شڪارپور ۾ هڪ ئي وقت رت سان ريٽا ٿيل لاش کنيا ويندا آهن، تڏهن ته ان مهل اِهي سڀ بااثر سياسي ڀوتار ته رڳو ڌرين خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ ۾ پورا هوندا آهن ته جيئن وڙهندڙ ڌريون هڪ ٻئي خلاف اڃا وڌيڪ خونريزي ڪري ڪنهن سڪون ۽آرام جي زندگي گذارڻ بدران وڌيڪ ڌٻڻ ۾ ئي ڦاٿل رهن.

هي سٽون لکڻ تائين حالت اها آهي ته شهيد ناظم جوکيو جي قتل کانپوءِ جتي سڄي سنڌ سراپا احتجاج هئي، گڏوگڏ روايتي طور حزب اختلاف پاران سنڌ اسيمبلي ۾ به آواز اٿاريو ويو، جتي سنڌ جي قومي سياسي سماجي مذهبي ڌرين طرفان يڪجهتي طور نه رڳو شهيد کي ڀيٽائون ڏنيون پئي ويون پر ساڳئي وقت ملير جي وڪيلن به هميشه جيان نه رڳو پاڻ ملهايو پر گڏوگڏ مفت قانوني مدد به ڪئي، حقيقت هي آهي ته ڪافي دوست مون کان به طرح طرح جا سوال ڪندا آهن ته جڏهن وڪيل، اديب، ليکڪ، صحافي توڙي جو مختلف سياسي ڌريون اهڙن اشو، جنهن ۾ ناظم جوکيو جو قتل هجي، دودو ڀيل، فهميده سيال، عائشه جتوئي سميت روزانو ڪيترائي واقعا جنم وٺندي ميڊيا جي زينت بڻيل رهن ٿا، پر اوهان جي عدم شرڪت جو جواز ڇا آهي، يقينن آئون دوستن پاران ڪيل اهڙن سوالن جا جواب صرف مُسڪرائي اهو ئي ڏيندو آهيان ته ادا ”مينهن ڪُڏندي آهه قلعي جي زور تي“ اڄ منهنجو استاد قومي عوامي تحريڪ جو سربراهه اياز لطيف پليجو لاڙڪاڻي جي فهميده سيال جي تڏي تي وڃي پهتو آهي، ڪالهه سنڌ جا ڪيترائي قومپرست اڳواڻ ناظم جوکيو ۽ دودو ڀيل جي واقعن کانپوءِ پنهنجا قيمتي وقت سيڙائي همدردي رکي روڊن تي ڪيترن چئلنجن کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ گڏوگڏ سنڌ جا سپوت جيڪي قومي ادبي ۽ مذهبي رنگن ۾ ڪڏهن ڪنهن اشو خلاف ته ڪڏهن ڪنهن جي شهادت خلاف هميشه ٻه قدم اڳتي رهيا آهن، موٽ ۾ جڏهن مقتولن جي وارثن پاران ائين ئي ڪيو ويندو آهي. جيئن اڄ ناظم جوکيو جي ڀاءُ افضل جوکيو ڪيو ۽ ايستائين جو تعزيتن تي ايندڙن توڙي همدردن کي موٽائڻ لڳو آهي. اهي خبرون به آيون آهن ته ناظم جوکيو جي ماءُ ۽ گهرواري شيرين جوکيو آيل مهمانن سان ملاقات کانپوءِ انهي عزم تي پنختيون آهن ته قاتلن کي معاف نه ڪنديوسين پر اصل ۾ مقتول جي ڪيس جو فريادي ته يوٽرن وٺڻ بعد عدالت اندر اڄ ڄام عبدالڪريم جوکيو کي آجو قرار ڏئي چڪو آهي ۽ ايندڙ وقت ۾ انهي ڳالهه کي نٿو وساري سگهي ته هو سڀني جوابدارن سان ائين ٺاهه ڪري ٻئي هٿ مٿي ڪري بيهندو، جيئن ٿرڪول ڪمپني ۾ ڪم ڪندڙ پورهيت دودو ڀيل جي خون کانپوءِ پوري ٿر سميت اقليتي برادري ۽ گڏوگڏ سنڌ جي انهي سچن سپوتن انهي دودو ڀيل جي واقعي خلاف هڪ آواز ٿي سندن همدردي جو مظاهرو ڪيو هو، ايستائين جو انهي دودو ڀيل جي واقعي جتي پوليس کاتي جي ذميوارن خلاف به قدم کنيا ويا هئا پر گڏوگڏ هڪ مذهبي ڏڦيڙ به ڦهلجي رهيو هو، اڄ انهي دودو ڀيل جي واقعي کي چند مهينا گذرڻ کانپوءِ جتي سنڌ جي سڃاڻ ڌرين سندس وارثن چند ٽڪن تي وڪامجي، سنڌ جي شعور جي ڪيتري نه دل آزاري ڪئي هوندي. مون جيتري قدر ڏٺو آهي ته اسان وٽ هي جيڪو ڪجهه ناجائزين طرح طرح جي واقعن جو جيڪو اضافو ٿي رهيو آهي، اِهي واقعا گهٽجڻ بدران ڇو وڌي رهيا آهن. پاڻ انهي ٽريڪ تي ڪڏهن سوچيو به ڪونهي، مون مختلف وقتن تي پنهنجن ڪالمن ۾ سنڌ اندر قتل غارت، اغوا، ڦرلٽ، جنسي زيادتين، ايستائين جو ٽن کان 5 سالن جي نياڻين سان زيادتين جا واقعا ٿين ٿا، پوليس ته پنهنجي طور انهن قاتلن، توڙي جو ملوث جوابدارن وحشين کي گرفتار ته ڪري ٿي پر جڏهن ناظم جوکيو جي ڀاءُ افضل جوکيو توڙي جو دودو ڀيل جي وارثن جيان جڏهن فريادي ئي عدالتن ۾ اچي نو آبجيڪشن جا بيان ڏيندا ته پوءِ منهنجي خيال ۾ اهڙن واقعن کانپوءِ اسان کي روڊن تي نڪرڻ، رياست خلاف اڻوڻندڙ نعرا هڻڻ توڙي جو پنهنجي سياست چمڪائڻ کان پهريان سندن ڪجهه ايندڙ وقت تي سوچي سندن ٻاهر نڪرڻ ئي شايد وقت جي دانائي هوندي، ڇو ته اسان وٽ جوابدارن کي سزا نه ملڻ جو سبب متاثر ڌرين جو ٺاهه ٿيڻ ئي آهي، پاڻ وٽ جيڪڏهن سڀ ام رباب ۽ راشد محمود سومرو ٿي وڃن ته مجال آهي، ڪنهن مير، پير، رئيس ۽ نواب جي جو هو ائين بي پهچ ۽ مظلوم ماڻهن سان هاڃا ڪن، جيئن اڄ اسان وٽ ٿي رهيو آهي. advocateubedullah@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو