ناظم جوکيو قتل ڪيس، موبائيل فون ۽ رت وارا ڪپڙا هٿ اچي ويا

ملير(ن سنڌيار) ناظم جوکيو قتل ڪيس جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، ڄام هائوس ڀرسان کوهه مان مقتول ناظم جوکيو جو موبائل فون ۽ رت وارا ڪپڙا هٿ ڪيا ويا آهن. ميڊيا جي موجودگي ۾ کوهه مان ڪپڙا ۽ موبائيل فون ڪڍيا ويا. ڪيس جي جاچ آفيسرن جو چوڻ آهي ته قتل بعد ناظم جوکيو جو موبائل فون ۽ ڪپڙا کوهه ۾ اڇلائي ان ۾ ڪچرو وجهي باهه ڏني وئي هئي. جاچ آفيسر جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار جي نشاندهي تي جاچ ٽيم کوهه تي پهتي، جنهن دوران موبائل فون وڏي حد تائين سڙي ويو آهي. جنهن مان ڊيٽا ڪٺڻ جي ڪوشش ڪنداسين. جاچ آفيسر جو چوڻ آهي ته ناظم جوکيو جو موبائل فون ۽ ڪپڙا فرانزڪ آڊٽ لاءِ پنجاب فرانزڪ ليبارٽري لاهور موڪليا ويندا.  ياد رهي ته ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ پ پ جي سنڌ اسيمبلي جو ميمبر ڄام اويس ۽ سندس ٻن ملازمن سميت 5 ڄڻا حراست ۾ آهن. سندس ڀاءَ ايم اين اي عبدالڪريم کي به نامزد ڪيو ويو آهي جنهن بلوچستان هاءِ ڪورٽ مان عبري ضمانت ڪرائي ورتي آهي. 3 نومبر تي ڄام اويس جا عرب شڪاري غير قانوني طور تلو جو شڪار ڪري رهيا هئا ته سندن ويڊيو ڀر يناظم وائرل ڪئي هئي جنهن تي وڏيري ڪاوڙجي کيس اغوا ڪرائي پنهنجي بنگلي تي تشدد ڪري کيس قتل ڪيو هو. پوسٽ مارٽم ۾ ناظن جي سموري جسم تي تشدد، ويهڪ ۽ پيشاب واري جاءِ تي سخت تشدد جي تصديق ڪئي هئي. رپورٽ ۾ چيو ويو هو ته سندس ميٺالي ۾ خون ڀريل هو ۽ پاسيريو به ڀڳل هيون.

پهنجو تبصرو موڪليو