ناظم جوکيو جي قتل جي عدالتي جاچ ٿيڻ گهرجي، اسماعيل/حليم

ملير (رپورٽ شهزادو مستوئي)عرب شھزادن جي شڪاري گاڏين جي وڊيو ٺاھڻ تان بيدردي سان قتل ٿيل نوجوان ناظم جوکيو جي ٽيجھي جون رسمون ادا ڪيون پيون وڃن. ڌاٻيجي لڳ ڳوٺ آچار سالار جوکيو ۾ مقتول جي تڏي تي وارثن سان عذر خواهين جو سلسلو جاري آهي. سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل مقتول جي تڏي تي پھچي عذر خواهي ڪئي، ان موقعي تي ڳالهائيندي گورنر چيو ته سنڌ حڪومت پاران جوڙيل جوائنٽ ڪميٽي کي رد ڪيون ٿا، وفاق پاران نئين جي آء ٽي جوڙي ويندي، اسين متاثر ڌر کي وڪيل به مھيا ڪنداسين .گورنر چيو ته عربن جو شڪار تي اچڻ تي ملڪ ۾ خوشحالي ايندي آھي عربن جو ڪو به قصور نه آھي ھو پکين جو شڪار ڪن ٿا ، پر ھتان جا باشنده ، وڏيرا ، ماڻھن جو شڪار ڪن ٿا. ھن چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ 5 کان 6 قاتل ايم پي اي ويٺل آھن جن جي باري وزير اعليٰ سنڌ سان ڳالھائيندس ته انھن خلاف ڪاروائي ڪري کين معطل ڪري. سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته پ پ قاتلن جي سرپرستي ڪري رهي آهي، ناظم جوکئي جي قتل تي گورنر سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، جڏهن ته وزيراعظم به واقعي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. حليم عادل شيخ ايم پي اي خرم شير زمان سان گڏ مقتول ناظم جوکيو جي تڏي تي پهچي ڀاءُ افضل جوکيو ۽ ٻين سان تعزيت ڪئي ۽ ساڻن همدردي جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي حليم عادل شيخ چيو ته هيءَ سرداري دهشتگردي آهي، ويڊيو ٺاهڻ تي نوجوان قتل ڪيو ويو آهي، مراد علي شاهه واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙڻ آيو هو، جڏهن ايف آءِ آر ۽ پوسٽ مارٽم نه پيو ٿئي تڏهن وزير اعليٰ سنڌ ڪٿي هو. هن چيو ته جي آءِ ٽي سان ڪيس خراب ٿيندو، هاءِ ڪورٽ جي ججن کان جاچ ڪرائڻ گهرجي، مان هتي سياست ڪرڻ نه آيو آهيان، سردار حڪومت ۾ ويٺل آهن، ان ڪري مظلوم ماڻهن کي قتل ڪرڻ ڪو مسئلو ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو