ناظم جوکيو جا وحشي قاتل ڪنهن به رحم جا حقدار نه آهن. چنا

نيو جرسي(پ ر) سانا جي صدر خالد چنا چيو آهي ته شهيد ناظم جوکيو جي وحشياڻي قتل تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ناطم سنڌ جو هيرو آهي جنهن جي قتل ۾ قنون ساز جي روپ ۾ وحشي ٺام اويس گهرام ملوث آهي. جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته ناظم پنهنجي ڳوٺ ۽ سنڌ جي لڄ بچائيندي شهيد ٿيو آهي. هن غيرملڪين کي پرديسي پکين جي غيرقانوني شڪار کان روڪيو جنهن تي ايم پي اي ڪاوڙجي مٿس وحشياڻو تشدد ڪري کيس شهيد ڪيو. هن چيو ته اها  ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي ته سياستدان جنهن جو تعلق پيپلز پارٽي سان آهي، اهي عدم برداشت جا ايترا قائل آهن جو ماڻهو ماريندا ٿا رهن. هن چيو ته افسوس آهي ته پيپلز پارٽي جي جيڪا عوامي پارٽي هئي هاڻي ڪرمنل ماڻهن جي پناهه گاهه بڻجي وئي آهي. سانا جي صدر چيو ته جيتوڻيڪ ان وحشياڻي ظلم جو اصل جوابدار گرفتار ٿي چڪو آهي پر ان جي باوجود به جنهن طريقي سان مبينا قاتل سان پوليس اسٽيشن تي سلوڪ ڪيو ويو، ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته اها گرفتاري رڳو ڏيکاءَ لاءِ آهي ۽ انصاف سنڌ حڪومت ڪيس ۾ انصاف فراهم ڪرڻ ۾ ڪا به دلچسپي نه ٿي رکي. پرڏيهه ۾ رهندڙ سنڌين جي سڀ کان وڏي تنظيم سانا اهو مطالبو ڪري ٿي ته شهيد ناظم جوکيو جي قاتلن کي مثالي سزا ڏني وڃي، ڇو ته هو ڪنهن به رحم جا حقدار نه آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو